Book Name:Bandon kay Huquq

حقن کان ئي ناواقف آهن تنهن ڪري انهن جي ادائيگي کان ڏاڍو پري آهن. ٻانهن جي حق جي متعلق تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبةالمدينه جي مطبوعه ڪتاب ”احياءُ العلوم جلد 2 صفحو 626کان 789“ ”والدين، گهر وارن ۽ استادن جا حق“ اميرِ اهلسنت  جو رسالو ”ظلم جو انجام“ ۽ مڪتبةالمدينه جو رسالو، تذڪرهء امير اهلسنت (قسط 6) ”حقوق العباد ڪي احتياطين“ جو مطالعو ڏاڍو فائدي مند رهندو.

هميشه مثبت سوچيو!

>

1.       ڪنهن جي باري ۾ منفي سوچ کي دل ۽ دماغ ۾ جڳھ ڏيڻ ۽ ان جا نا پسنديده اوصاف ياد ڪرڻ جي بجاءِ مثبت (يعني سٺي) سوچ قائم ڪيو ۽ ان جي سٺين خوبين کي ياد رکو.

منقول آهي ته هڪ شخص پنهنجي گهر واريءَ جي شڪايت  ڪرڻ جي لاءِ حضرتِ سيِّدُنا عُمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وٽ پهتو، دروازي تي پهچي ڪري ان امير المؤمنين جي زوجه کي بلند آواز سان ڳالهائيندي ٻڌو،  هو اهو چئي ڪري واپس هليو ويو ته امير المؤمنين ته پاڻ به ان مسئلي جو شڪار آهن. بعد ۾ اميرالمؤمنين حضرت سيِّدنا عُمرِ فاروق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن ان کي گهرائيو ۽ (واپس وڃڻ جو) سبب پڇيو، ان مڪمل واقعو عرض ڪيو ته حضرت سيدنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو: گهر واريءَ جي ڪجهه حَقن جي سبب مان ان کان درگزر ڪندو آهيان: (1) اها مون کي جهنم کان بچائڻ جو ذريعو آهي، ان جي سبب سان منهنجي دل حرام جي خواهش کان بچندي رهندي آهي. (2) منهنجي گهر جي غير موجودگي ۾ اها منهنجي مال جي حفاظت ڪندي آهي، (3) منهنجا ڪپڙا ڌوئيندي آهي (4) منهنجي ٻارن جي پرورش