Book Name:Bandon kay Huquq

رسول جي مدني تربيت ڪندي ارشاد فرمائين ٿا: ”ماءُ پيءُ ۽ ٻارن جي حق تلفي نه ٿئي، ۽ ڪنهن قسم جو گناه نه ڪرڻو پوي ته 12 مهينن جو سفر ضرور ڪيو“. مرحبا! مدني تربيت جو ڪهڙو پيارو انداز آهي جو عاشقانِ رسول کي 12 مهينن جي مدني قافلن ۾ سفر جي ترغيب به ڏياري پئي وڃي، گڏو گڏ هي به مدني ذهن ڏنو پيو وڃي ته شريعت جو دامن هٿ مان نه ڇڏاجي، تنظيمي ڪم به ڪرڻو آهي ته ان ۾ به حقوق العباد جو خيال رکڻو هوندو، رضاءِ الٰهيءَ کي هر حال ۾ پيشِ نظر رکڻو هوندو.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مدني مذاڪري ۾ علمِ دين سکڻ جو بهترين ۽ آسان ذريعو آهي، الحمدلله عَزَّوَجَلَّ! هر هفتي ڇنڇر ڏينهن رات جو گهڻا عاشقانِ رسول اجتماعي طور تي مدني مذاڪري ۾شرڪت جي سعادت ڪندا آهن، جيڪڏهن اسان به چاهيون ٿا ته  اسان جي به علمِ دين ۾ اضافو ٿئي، حقوق العباد جي متعلق ديني معلومات جو لازوال خزانو اسان جي هٿ اچي، اهو ڪهڙو طريقو آهي جو جنهن جي مطابق اسان اسلامي زندگي گذارڻ جو انداز سکي سگهون ته اچو! هٿو هٿ ان نيّت جو اظهار ڪريون ٿا ته هاڻي اسان به باقاعدگيءَ سان، شروع کان آخر تائين مدني مذاڪري ۾ پنهنجي حاضريءَ کي يقيني بڻائينداسين. ان شا الله عَزَّوَجَلَّ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

رشتيدارن سان صلهء رحمي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻانهن جي حق ۾ هونئن ته سڀني ماڻهن جا حق اهميت  جا حامل آهي ۽ سڀني جي ادائيگي به ضروري آهي، پر انهن مان سڀ کان اهم رشتيدارن جا حق آهن، جڏهن هڪ عام مسلمان  سان حسنِ