Book Name:Bandon kay Huquq

ننڍن ڀيڻ ڀائرن سان شفقت

اهڙي طرح وڏن ڀائرن ڀيڻن کي ننڍن جا حق ادا ڪندي انهن تي شفقت ڪرڻ گهرجي. والدين جي وفات کان بعد ننڍن ڀائرن ڀيڻن جي پرورش ڪرڻ، انهن جي سٺي تربيت ڪرڻ، انهن جي ضرورتِ زندگي کي پورو ڪرڻ ۽ هر مشڪل گهڙي ۾ انهن جو ساٿ ڏيڻ ۽ جيترو ٿي سگهي انهن جي حاجت ۽ دلداري ڪرڻ، والدين جي حياتي ۾ به انهن سان شفقت ۽ محبت سان پيش اچڻ، غيبت، چغلي، بدگماني ۽ حسد عام مسلمان سان ته حرام آهي، انهن سان ته وڌيڪ ناجائز آهي، بتقاضائي بشريت انهن کان سرزد ٿيڻ واري خطائن کي معاف ڪرڻ ۽ هميشه انهن سان نرمي جو برتاؤ ڪرڻ.

حقوق العباد جي ادائيگيءَ جا فوائد:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ماڻهن جي حقن جي ادائگيءَ سان دُنيا ۽ آخرت ۾ گهڻائي فائدا حاصل ٿيندا آهن ۽ انهن کي ڇڏي ڏيڻ دنيا ۽ آخرت ۾ بيشمار نقصانن جو سبب ٿي سگهي ٿو. انهن جي ادائگي سان انسان کي ذهني ۽ قلبي سڪون ملندو ۽ اهو ماڻهو گهڻين بيمارين کان بچي ويندو اهي.

* ماڻهن جي حقن جي ادائگي سان هر شخص کي ان جو حق ملڻ شروع ٿي ويندو آهي، جنهن سان معاشري ۾ امن ۽ سڪون عام ٿي ويندو ۽ جيهڙن جهڳڙن جو خاتمو ٿي ويندو آهي.

* ماڻهن جا حق ادا ڪرڻ وارو شخص انهن جي درميان عزت ۽ وقار جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي.

* حقن جي ادائگي سان پاڻ ۾ محبت وڌندي آهي، جنهن سان رشتا