Book Name:Bandon kay Huquq

1.       پڙهيا وڃن ۽ ثواب جي نيت سان ٻانهن جي حق جي ادائيگي تي ڪمر بسته ٿي وڃو. (حوالو)

خوف خدا جو جام پيو!

1.         ٻانهن جي حق جي ادائيگي سان گڏو گڏ ٻين سٺين خوبين کي اپنائڻ ۽ بُرين عادتن کان پيڇو ڇڏائڻ جو هڪ اهم ذريعو خوفِ خدا به آهي.  حضرتِ سيدنا ابو الحسن ضرير رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ڪنهن شخص جي سعادت مندي جي علامت هي آهي ته ان کي بد بختي جو خوف لاحِق رهي ، ڇو ته خوف الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ٻانهي  جي وچ ۾ لگام آهي ، جڏهن ڪنهن ٻانهي  جو لگام ٽُٽي وڃي ته هو هلاڪ ٿيڻ وارن سان هلاڪت جو شڪار ٿي ويندو آهي (حوالو) تنهنڪري ان وڏي نعمت جي حصول جي ڪوشش ڪئي وڃي، ان شاء الله عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان ٻانهن جي ادائيگي سان گڏوگڏ ٻيا نيڪ ڪم به اسان جي زندگي جو حصو بڻجي ويندا. ۽

خوف خدا پيدا ڪرڻ جو طريقو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دل ۾ خوفِ خدا جي شمع ٻارڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول اپنائڻ به آهي. ڇو ته الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ماڻهن جي صحبت ۾ ويهڻ به انسان جي دل ۾ خوفِ خدا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي اهِڙي صحبت پائڻ جي لاءِ پنهنجي شهر ۾ هرجمعرات جو ٿيڻ واري دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتون ڀريي اجتماع ۾ شرڪت کي پنهنجو معمول بڻايو، عاشقانِ رسول سان گڏ هر مهيني ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر اختيار ڪيو، هفتيوار مدني مذاڪري ۾