Book Name:Bandon kay Huquq

v    انهن گناهن ۾ پوڻ جي سبب غيبتن ،چغلين، تهمتن، بد گمانين ۽ گهڻن ئي ڪبيره گناهن جو دروازو کلندو آهي. ائين ٻانهن جي حقن کي ضايع ڪرڻ جهيڙن ۽ گهڻن ئي گناهن جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

v    جن جا حق ضايع ڪيا، انهن کي راضي ڪرڻ جي لاءِ قيامت جي ڏينهن پنهنجيون نيڪيون ڏيڻيو پونديون.

v    نيڪيون نه هئڻ جي صورت ۾ انهن جي گناهن جو ٻوجھ کڻڻو پوندو ۽ ائين جنّت کان محروم ٿيڻ تي عبرتناڪ انجام ڏسڻو پوندو.

v    ٻين جا حق ضائع ڪرڻ واري شخص کان ماڻهو به نفرت ڪندا ۽ بيزار رهندا آهن.

ٻانهن جا حق ادا ڪرڻ جا طريقا!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪي شيءِ جيتري قدر اهم هجي، ان جي حصول جي لاءِ به اوتري ئي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جيڪڏهن مسلمان  ٻانهن جي حق جي ادائيگي  ڪيو، ته ان سان دنيا ۽ آخرت سنوري سگهي ٿي۽ ان جي ادائيگي ۾ ڪوتاهي کان ڪم ورتو ته دنيا ۽ آخرت ٻئي برباد ٿي سگهن ٿيون. تنهنڪري ڪنهن به ذي شعور ماڻهو کان ان جي اهميت ڍڪيل لڪيل ناهي. ٻانهن جي حقن جو خيال رکندي، ٻانهن جا حق ادا ڪرڻ جي عادت ڪيئن ٺاهي وڃي؟ اچو! ان جا ڪجھ طريقا ٻڌون ٿا.

حق جو علم حاصل ڪريو!

1.       سڀ کان پهرين ٻانهن جي حق جو علم حاصل ڪرڻو پوندو، ڪنهن به شي جي صحيح معلومات کان بغير ان تي عمل ڪرڻ تقريباً نا ممڪن ٿيندو آهي.افسوس!اسان جي معاشري جي اڪثريت جيئن ته ٻانهن جي