Book Name:Bandon kay Huquq

عام طور تي ڪجھ ماڻهو ننڍين ننڍين غلطين تي پنهنجي ملازمن کي ذليل ڪندا، گاريون ڏيندا ۽ ڪجھ نادان ته مار ڪُٽ تي لهي ايندا آهن، اهڙا ماڻهو هن حديث مان عبرت حاصل ڪن.

     فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: خادمن سان برو سلوڪ ڪرڻ وارو جنّت ۾ داخل نه ٿيندو. (مسند امام احمد، مسند ابي بڪر صديق، ج. 1، ص. 20، حديث 13) ملازمن سان هميشه شفقت سان پيش اچو ۽ جيترو ٿي سگهي انهن جون خطائن کي در گذر ڪيوته جيڪو ٻين تي رحم ڪندو آهي، الله عَزَّوَجَلَّ به ان تي رحم ڪندو آهي، ۽ انهن جي حقن جو خاص خيال رکندي حسنِ سلوڪ سان پيش اچڻ، انهن کي حقير نه سمجهڻ، تيز غصو ۽ گار گند کان پري رهڻ، وقت پورو ٿيڻ تي انهن کي اُجرت ڏيڻ، اُجرت ۾ بنا اجازتِ شرعي ڪمي نه ڪرڻ، بيماريءَ ۾ انهن جي عيادت ڪرڻ، ممڪن هجي ته علاج وغيره ۾ انهن جي مدد ڪرڻ وغيرھ، انهن ڳالهين جو به خيال رکڻ، اسان تي اخلاقي طور تي به ضروري آهي.    

مجلس علاج جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي تبليغِ قرآن ۽ سنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ آهي، جنهن ۾ هزارين اجير (ملازمَ) مختلف شعبن جي ذريعي نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهن. الحمدلله عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي شعبي ”مجلس طبي علاج“ جي تحت گهڻن ئي مقامن تي محدود پيماني تي شفا خانه قائم آهن، جتي بيمار طلبه ۽ مدني عملي جو مفت علاج ڪيو ويندو آهي. مجلس علاج جي تحت قائم شفا خانن ۾ ضرورتاً مريضن کي داخل به ڪيو ويندو آهي ۽ ضرورت آهر وڏين اسپتالن جي زريعي به علاج جي ترڪيب ٺاهي ويندي آهي. ان مجلس جي قيام جو