Book Name:Bandon kay Huquq

مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس * مَدَني قافلي، مَدَني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس * ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس * نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حق ٻه طرح جا هوندا آهن، هڪ حقوق الله يعني الله عَزَّوَجَلَّ جا حق ۽ ٻيو حقوق العباد يعني ٻانهن جا حق. حقوق الله ته اسان تي ان لاءِ لازم آهن جو اسان الله عَزَّوَجَلَّ جا ٻانها آهيون. اُن اسان کي پيدا فرمايو، اهو ئي اسان جو خالق ۽ مالڪ ۽ پالڻ وارو آهي، ان ڪري ان جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ اسان تي لازم آهي. پر ٻانهن جي حقن جي ادائگي اسان تي ڇو ضروري آهي؟ ان جو جواب ڏيندي حجةالاسلام، حضرتِ سيدنا امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا:  انسان يا ته اڪيلو رهندو آهي يا ڪنهن سان گڏ ۽ جيئن ته انسان جو پنهنجي هم جنس ماڻهن سان ميل ميلاپ رکڻ بغير زندگي گذارڻ مشڪل آهي، تنهنڪري ان تي ملي جُلي رهڻ جا آداب سکڻ ضروري آهن. جيئن ته هر اختلاط (ميل جول) رکڻ واري (شخص) جي لاءِ ملي جُلي رهڻ جا ڪجھ  آداب (حق) آهن. (بخاري، ج. 2، ص. 462، حديث 3461)

معلوم ٿيو ته ٻانهن جا حق لازم ٿيڻ جو بنيادي سبب تمام انسانن جو ملي جلي رهڻ آهي. اڄ جي بيان ۾ اسان اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ٻانهن  جي حقن جي اهميت جي متعلق مدني گُل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. اچو ! پهريان ٻانهن جي حقن جي اهميت جي متعلق هڪ عبرتناڪ حڪايت ٻڌون ٿا، جيئن ته