Bemari Ke Aadaab

Book Name:Bemari Ke Aadaab

بيماري سرڪشيءَ کان بچائيندي آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان بيمار ٿيندا آهيون، عام رواجي ڳالهه آهي، اهو سچ آهي ته بيماري هڪ تڪليف ڏيڻ واري شيءِ آهي، بيمار ماڻهو کي ڪيترين ئي مشڪلن سان مُنهن ڏيڻو پئجي ويندو آهي، پر ان سان گڏوگڏ بيماري هڪ تمام وڏي نعمت به آهي. جيڪڏهن اسان بيمار نه ٿيندا هجون ها، موت اسان جي سامهون نه بيٺو هجي ها ته اوهان سوچي به نه ٿا سگهو ته انسان ڪيتري قدر سرڪشين ۾ مبتلا ٿي وڃي ها. 

  فرعون ڪيڏو نه سرڪش هو، هن بدبخت بني اسرائيل جي 70 هزار ٻارن کي شهيد ڪرايو. ([1]) قرآن ڪريم ۾ هن جي باري ۾ فرمايو ويو: 

وَ فِرْعَوْنَ ذِی الْاَوْتَادِﭪ(۱۰) (پارو: 30، سورة فجر: 10)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ فرعون (سان گڏ) جيڪو ميخن وارو هو.

وَتَد يا مِيخ ڪوڪي کي چوندا آهن. اسان وٽ لوھ جا ڪوڪا ايندا آهن جيڪي ڪاٺ ۾ لڳندا آهن، اهي ۽ ان جهڙيون ٻيون شيون جيڪي ڪوڪن جو ڪم ڪنديون آهن، عربي ۾ انهن کي وَتَد چوندا آهن. فرعون جي عادت هئي ته جنهن کي سزا ڏيندو هو، ان جي ٻنهي هٿن ۽ ٻنهي پيرن ۾ ميخون هڻي ڇڏيندو هو. ([2]) هن عمل کي چوميخا ڪرڻ چوندا آهن. اندازو لڳايو! هي ڪيڏو نه سرڪش هو. اها سندس سرڪشيءَ جي انتها هئي جو هن بدبخت چيو: 

اَنَا رَبُّكُمُ الْاَعْلٰى٘ۖ(۲۴)(پارو: 30، سورة نازعٰت: 24)

ترجموڪنزالعرفان: مان توهان جو سڀ کان اعليٰ رب آهيان


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:49، جلد:1، صفحہ:371۔

[2]...تفسیر صراط الجنان ، پارہ:30، سورۂ فجر، زیرِ آیت:10، جلد:10، صفحہ:664۔