Book Name:Bemari Ke Aadaab
نسبت دوائن ڏانهن ڪري رهيو آهين.
الله! الله ...!! معلوم ٿيو ته اسان کي شفا الله پاڪ ئي ڏيندو آهي، اسان جو عقيدو به اَلحمدُ لِلّٰہ! اهو ئي آهي پر اسان شفا جي نسبت دوائن ڏانهن ڪندا آهيون. جيتوڻيڪ هي گناهه نه آهي پر ادب هي آهي ته اسان الله پاڪ جي رحمت ڏانهن ئي نظر رکون.
(3): لفظ ”شڪايت“ کان بچو ...!!
ٽيون ادب: اسان وٽ عموماً لفظ شڪايت ڳالهايو ويندو آهي. مون کي بخار جي شڪايت آهي، زڪام جي شڪايت آهي، مٿي ۾ سور جي شڪايت آهي وغيره. ائين چوڻ به گناهه نه آهي، ان ۾ ڪو حرج به نه آهي، جيڪڏهن ڪو ائين چوي ته گنهگار به نه ٿيندو. پر! هن لفظ کان بچڻ بهتر آهي. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: عوام ۽ خواص جي زبان تي هي جملا به رهندا آهن ته بخار جي شڪايت آهي، زڪام جي شڪايت آهي. ائين نه چوڻ گهرجي ڇو ته بيمارين جو ظهور الله پاڪ جي طرفان ٿيندو آهي، جڏهن ائين آهي ته پوءِ شڪايت ڪهڙي ...؟ ([1])
هن مُحاوِري کان توبهه ڪري ورتي
ڪتاب بهارِ شريعت جا مصنف مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هڪ دفعي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه بيمار ٿي پيا. مان سندن عيادت ڪرڻ جي لاءِ ويس. مان عام ڳالهائي وڃڻ واري انداز ۾ پڇيو: هاڻي شڪايت جو ڪهڙو حال آهي؟ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: شڪايت ڪنهن سان ڪجي؟ الله پاڪ سان شڪايت ته نه اڳ هئي ۽ نه ئي هاڻي آهي. ٻانهي کي خدا سان ڪهڙي شڪايت ...؟