Book Name:Bemari Ke Aadaab
پهريون ادب هي آهي ته جيڪڏهن بيماري اچي وڃي ته جيترو ٿي سگهي بيماري کي لڪايو وڃي! گهر وارن کي ٻڌائڻ يا ڊاڪٽر کي ٻڌائڻ، الڳ ڳالهه آهي، ان جي ضرورت هوندي آهي پر ڪجهه ماڻهو خوامخواهه پنهنجين بيمارين جا قصا ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن. ڪوئي عيادت ڪرڻ اچي ته ان کي ڊگهي ڪهاڻي (Story) ٻڌائڻ لڳندا آهن. اسان عام ماڻهو آهيون، سٺيون نيتون ٿي نه سگهنديون آهن، تنهنڪري عافيت ان ۾ ئي آهي ته جيسيتائين ٿي سگهي پنهنجي بيماري کي لڪائيندا رهون. حديث پاڪ ۾ آهي: جنهن جي مال يا جان ۾ مصيبت آئي پوءِ اُن شخص، ان مصيبت کي لڪايو ۽ ماڻهن سان ان جي شڪايت نه ڪئي ته الله پاڪ تي حق آهي ته ان جي مغفرت فرمائي. ([1])
هوڙَ ۾ سُورَ سبب مان سمهي نه سگهيس! (حڪايت)
امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه نقل ڪن ٿا: حضرت احنف بن قيس رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هڪ دفعي مون کي هوڙَ ۾ شديد سُورُ پيو جنهن ڪري مان سڄي رات سمهي نه سگهيس. ٻئي ڏينهن مون پنهنجي چاچا جان جي خدمت ۾ شڪايت ڪئي ته مان هوڙ جي سور سبب سڄي رات سمهي نه سگهيو آهيان. اها ڳالهه مان 3 ڀيرا ورجائي. جنهن تي انهن فرمايو: تون هڪ ئي رات ۾ ٿيڻ واري پنهنجي تڪليف جي ايڏي وڏي شڪايت ڪري ڇڏي! جڏهن ته منهنجي اک کي ضايع ٿئي 30 سال گذري ويا آهن، (جيتوڻيڪ ڏسڻ وارن کي معلوم آهي پر پنهنجي زبان سان) مان ڪڏهن به ڪنهن سان ان جي شڪايت نه ڪئي آهي. ([2])