Bemari Ke Aadaab

Book Name:Bemari Ke Aadaab

پنهنجو ڪاروبار آهي، انهن کي هڪ دفعي پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ مزدورن جي ضرورت پئجي وئي. انهن ويزائن لاءِ بار بار درخواستون جمع ڪرايون، پر تمام گهڻين ڪوششن جي باوجود به کين ويزائون نه ملي سگهيون. ڪيترائي سال ائين گذري ويا، هو تمام گهڻو پريشان هئا ڇاڪاڻ ته ملازم نه هجڻ سبب کين تمام گهڻو نقصان برداشت ڪرڻو پئجي رهيو هو. خير انهن همت ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر درخواست جمع ڪرائي. ان دوران هڪ اسلامي ڀاءُ کيس شجرہءِ قادريه عطاريه مان شجرہءِ عاليه جا دعائيه اشعار پڙهڻ جو مشورو ڏنو. انهن شجري شريف جا دعائيه اشعار روزانو پڙهڻ شروع ڪيا. الحمدلله! شجرہءِ قادريه رضويه ضيائيه عطاريه پڙهڻ جي برڪت سان سندن اهو ڪم جيڪو ڪيترن ئي سالن کان نه ٿي رهيو هو، حيرت انگيز طور تي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ٿي ويو ۽ کين ويزائون  ملي ويون. 

مُشْکِلیں حَل کر شَہِ مُشکل کُشا کے واسِطے     کر بَلائیں رَد شہیدِ کربَلا کے واسِطے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                           صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

مَعْرِفَۃُ الْقُرْآن موبائل ايپلي ڪيشن جو  تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ هڪ تمام پياري موبائل ايپلي ڪيشن مَعْرِفَۃُ الْقُرْآن جي نالي سان جاري ڪئي آهي. توهان هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي * قرآن پاڪ جو لفظي ۽ بامحاوره ترجمو پڙهي سگهو ٿا * هن ايپلي ڪيشن ۾ آيتن جا عنوان به ڏنا ويا آهن، جنهن جي مدد سان پنهنجي موضوع جي مناسبت سان قرآني آيتون ڏسي ۽ ڳولي سگهجن ٿيون. خاص طور مبلغ اسلامي ڀائر، هن آپشن مان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا *  هن ايپلي ڪيشن ۾ سرچ جو آپشن به ڏنو ويو آهي، جنهن جي مدد سان آيتون ڳولڻ ۾ سهولت ٿيندي آهي * پنهنجي پسنديده موضوع کي پن پوائنٽ ڪرڻ جو به آپشن ڏنو ويو