Book Name:Bemari Ke Aadaab
آهي، هيءَ دوا کائيندو آهي، هُوءَ دوا کائيندو آهي، هِن ڊاڪٽر سان ملندو آهي، هُن ڊاڪٽر سان ملندو آهي، هيءَ ٽيسٽ، هُوءَ ٽيسٽ ڪرائيندو آهي، سڀئي حيلا هلائڻ جي باوجود به جڏهن کيس شفا نه ملندي آهي ته ماڻهو مايوس ٿي ويندو آهي، سمورا دروازا کيس بند نظر ايندا آهن، سائنس، ٽيڪنالوجي، وڏا وڏا سائنسي اوزار، مشينون، ماهر ترين ڊاڪٽر ڪجهه به نه ڪري سگهندا آهن، هاڻي ماڻهو کي هڪ ئي دروازو نظر ايندو آهي، هاڻي هو الله پاڪ کي سڏيندو آهي: اي مالڪ! تون ئي شفا ڏيڻ وارو آهين، اي منهنجا ڪريم رَب! تون ئي بندن تي رحم ڪرڻ وارو آهين، مون کي شفا عطا فرماءِ.
معلوم ٿيو ته بيماري اها نعمت آهي جيڪا سرڪش انسان کي به ان جي سرڪشي کان موڙي الله پاڪ جي دروازي ڏانهن وٺي ايندي آهي.
جڏهن ميڊيڪل رپورٽ تبديل ٿي وئي
هڪ واقعو آهي هڪ عورت هئي جيڪا گناهن ڀري زندگي گذاري رهي هئي، هڪ دفعي ان ضرورت تحت ڪجهه ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرايون. هاڻي رپورٽ اچڻي هئي. جڏهن رپورٽ آئي ته ان جا هوش اڏامي ويا ڇوته رپورٽ موجب عورت کي ڪينسر هئي ۽ هيءَ بس ڪجهه ئي ڏينهَن جي مهمان هئي. هاڻي هوءَ ڊڄي وئي، ان کي پنهنجو موت اکين اڳيان نظر اچڻ لڳو، تنهنڪري ان گناهه ڇڏي ڏنا، سچي توبهه ڪيائين ۽ نيڪين واري زندگي گذارڻ شروع ڪيائين.
هيڏانهن هن توبهه ڪئي ۽ ان سان گڏوگڏ ڪجهه علاج وغيره به شروع ڪيائين. اڃان ٻه چار ڏينهن ئي مَسَ گذريا هئا ته اسپتال مان کيس ڪال آئي ۽ ان کي ٻڌايو ويو ته محترمه! اسان معذرت خواهه آهيون ته جيڪا رپورٽ اوهان کي ڏني وئي هئي، اها اصل ۾ اوهان جي نه هئي، اها ڪنهن ٻي عورت جي هئي، جيئن ته نالا هڪ جهڙا هئا، تنهنڪري غلط رپورٽ اوهان ڏانهن اچي وئي آهي. اوهان جون ٽيسٽون بلڪل ڪليئر آهن، اوهان کي ڪو به مسئلو نه آهي. هاڻي ان کي حوصلو ته ملي ويو پر هيءَ توبهه ڪري چڪي هئي. ڪجهه ڏينهن جو جھٽڪو ان کي گناهن کان پري ڪري نيڪ بڻائي ويو.