Bemari Ke Aadaab

Book Name:Bemari Ke Aadaab

آخر هي ڪهڙي غرور ۽ تڪبر ۾ ايڏي سرڪشي ڪري رهيو هو، ڪهڙي گھمنڊ ۾ هن خدائي جي دعويٰ ڪري ڇڏي هئي، ايترو ظلم ڇو ڪري رهيو هو. روايتن ۾ آيو آهي: فرعون 400 سال جيئرو رهيو، ان سموري زندگيءَ ۾  هن کي ڪڏهن به ڪا بيماري نه آئي، مٿي ۾ سُورُ به  کيس نه ٿيو، بخار به ڪڏهن نه ٿيو. ([1]) جيئن ته ان تي بيماريون نه آيون هيون، تنهنڪري هي پنهنجي اوقات ۾ نه رهيو، پنهنجي اوقات کان ٻاهر نڪتو ۽ غرور ۽ تڪبر ۾ مبتلا ٿي سرڪش بڻجي ويو. 

مولانا روم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: 

نَفْسِ کَسْ فِرْعَوْن نَیْسْتْ

لَیْک اُو رَا عَوْن کَسْ رَا عَوْن نَیْستْ

مفهوم: يعني ڪير آهي جنهن جو نفسِ اَمارہ فرعون نه آهي، ڳالهه هي آهي ته هُن فرعون کي تاج، تخت ۽ حڪومت ملي وئي هئي، اسان کي اُهي شيون ميسر نه آهن. جيڪڏهن ميسر ٿي وڃن ته عام ماڻهو به فرعون بڻجڻ ۾ دير نه لڳائيندا. 

پيارا اسلامي ڀائرو! اها ئي ڳالهه آهي، هي جيڪي بيماريون اسان کي ٿينديون آهن، ڪڏهن مٿي ۾ سُور ٿيندو آهي، ڪڏهن بخار ٿي ويندو آهي، هاڻي سرديون شروع ٿي رهيون آهن ته  ڪيئي ماڻهن کي نزلو، زڪام ۽ فلو ٿي ويندو آهي * ڪنهن کي شگر ٿي ويندي آهي * ڪو بُڪين يعني گردن جي مسئلي جو شڪار آهي * ڪنهن جو جيرو صحيح طريقي سان ڪم نه ڪري  رهيو هوندو آهي * ڪنهن کي ڦڦڙن جو مسئلو آهي * ڪنهن کي ڄنگهه ۾ تڪليف آهي * ڪنهن جا اعصاب ڪمزور آهن. مطلب ته هن دنيا ۾ سڀئي بيمار ٿيندا آهن ۽ هيءَ بيماري جڏهن ايندي آهي ته اسان کي اسان جي اوقات ياد ڏياري ڇڏيندي آهي ۽ مطالبو ڪندي آهي ته اي انسان ...!! تون


 

 



[1]... احیاء العلوم، کتاب التوحید و التوکل، بیان ان ترک التداوی...الخ، جلد:4، صفحہ:352۔