Bemari Ke Aadaab

Book Name:Bemari Ke Aadaab

(2): نظر خدا تي رکو ...!!

ٻيو آدب هي آهي ته بيمار ٿيو ۽ شفا ملي وڃي ته هن سموري معاملي ۾ نظر خدا تي ئي رکو! جي ها! اسان ماڻهو تمام گهڻا مادي پرست ٿيندا پيا وڃون. اَلحمدُ لِلّٰہ! عقيدو هر مسلمان جو اهو ئي هوندو آهي ته شفا الله پاڪ ئي ڏيندو آهي پر اسان لفظن ۾ پنهنجي هن عقيدي جو اظهار نه ڪري رهيا هوندا آهيون، اسان جي نظر هن عقيدي ڏانهن نه هوندي آهي، عموماً ماڻهو چئي رهيا هوندا آهن: فلاڻي شيءِ کاڌي هئي، جنهن جي ڪري بيمار ٿي پيو هئس، فلاڻي دوا کاڌي، جنهن جي ڪري ٺيڪ ٿي ويس * موسم تبديل ٿي رهي هئي، ان ڪري زڪام ٿي ويو هو * فلاڻي ڊاڪٽر دوا ڏني ته ٺيڪ ٿي ويو. 

ائين چوڻ ۾ جيتوڻيڪ حرج نه آهي، گناهه به نه آهي پر ادب هي آهي ته اسان شفا جي نسبت الله پاڪ ڏانهن ڪريون. 

کِيرَ  واري رات کي ياد ڪريو ...!!

حضرت بايزيد بسطامي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تمام وڏا بزرگ ٿي گذريا آهن. جڏهن سندن انتقال ٿيو ته ڪنهن کيس خواب ۾ ڏسي پڇيو: ڇا گذريو؟ الله پاڪ اوهان سان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ پاڻ فرمايائون: الله پاڪ مون کي پنهنجي حضور  ۾ حاضري جو شرف بخشيو، مون کي فرمايو ويو: بايزيد! ڇا کڻي آيو آهين؟ مون عرض ڪيو: مولا! توحيد تي ايمان رکندو آهيان، اها ئي منهنجي ڪُلُ ملڪيت آهي. الله پاڪ فرمايو: لَیْلَۃُ اللَّبَن۔ يعني کير واري رات کي ياد ڪر...!! اهو ٻڌي مان پگهر ۾ شل ٿي ويس. 

خواب ڏسڻ واري پڇيو: کير واري رات مان ڇا مراد آهي؟ پاڻ فرمايائون: هڪ دفعي رات جو مان کير پيتو ته منهنجي پيٽ ۾ سُورُ شروع ٿي ويو، مون سوچيو: کير پيتو هو ان ڪري پيٽ ۾ سور ٿي پيو هو ۽ فلاڻي شيءِ کاڌي ته سور ختم ٿي ويو. ان تي الله پاڪ هي فرمايو ته بايزيد ...!! خدا مون کي مڃي رهيو آهين ۽ وري چوين ٿو ته کير بيمار ڪري ڇڏيو هو ۽ شفا جي