Bemari Ke Aadaab

Book Name:Bemari Ke Aadaab

مفتي صاحب فرمائن ٿا ته ان ڏينهن کان پوءِ مان بيماريءَ جي لاءِ اهڙا لفظ چوڻ کان توبهه ڪري ڇڏي. ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هڪ ڳالهه ڏانهن توجهه ڏياريان، غور فرمايو! اسان کي پنهنجي بيماري جو حال ٻڌائڻ جو به ڍنگ نه آهي. ڪڏهن؟ ڪهڙي ڪم لاءِ؟ ڪٿي؟ ڇا چوڻو آهي، ڪهڙو لفظ استعمال ڪرڻو آهي، ڪهڙو نه ڪرڻو آهي. ان جي به معلومات نه هوندي آهي. اڪثر ڪري ماڻهو چوندا آهن: مون کي تمام شديد بخار آهي. جڏهن ته صرف 100 يا 101 بخار هوندو آهي. تمام گهڻو شديد نه هوندو آهي. خير! اهي ڳالهيون به سکڻ جون آهن. شيخِ طريقت، امير اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  هر ڇنڇر تي مدني چينل تي لائيو مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن. مدني مذاڪرو ڏسندا ڪريو! توجهه سان سوال جواب ٻڌندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻو علمِ دين سکڻ سان گڏوگڏ اهڙا آداب به سکڻ جو موقعو ملندو. 

(4): علاج حلال طريقي سان ڪرايو ...!!

چوٿون ۽ اهم ترين ادب: هي آهي ته علاج هميشه حلال طريقي سان ئي ڪرايو! ان ۾ به ڪڏهن ڪڏهن غلطيون ٿي وينديون آهن. عموماً علاج جي معاملي ۾ شرعي رهنمائي وٺڻ جو ذهن ماڻهن جو نه هوندو آهي. ان ۾ به احتياط جي ضرورت آهي. هڪ صحابي (جنهن جو نالو عمران بن حصين رَضِیَ اللهُ عَنْہُ آهي، انهن) وٽ فرشتا حاضر ٿيندا هئا ۽ کين سلام عرض ڪندا هئا، هڪ دفعي انهن کي ڪا بيماري ٿي پئي ۽ انهن شديد ضرورت تحت اهڙو علاج ڪرايو جيڪو توڪل جي خلاف هو ۽ ان کان حديث پاڪ ۾ منع ڪيو ويو هو، ان ڏينهن کان پوءِ انهن وٽ فرشتن حاضري ڏيڻ ۽ سلام پيش ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو.([2]) 


 

 



[1]...فیضانِ اعلیٰ حضرت، صفحہ:228۔

[2]...بَہْجَۃُ الْعَابِدِین،صفحہ:155خلاصۃً۔