Bemari Ke Aadaab

Book Name:Bemari Ke Aadaab

سکڻ 100 رڪعتون نفل پڙهڻ کان وڌيڪ بهتر آهي. ([1]) 

اَلحمدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي وارا عاشقانِ رسول فجر جي نماز کان پوءِ تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو لڳائيندا آهن * جنهن ۾ 3 قرآني آيتون * انهن جو ترجمو ۽ تفسير ٻڌايو ۽ ٻڌو ويندو آهي * فيضانِ سنت مان درس ٿيندو آهي * شجرو شريف پڙهيو ويندو آهي * دعا ٿيندي آهي ۽ * آخر ۾ اشراق، چاشت جا نفل به ادا ڪيا ويندا آهن. * توهان به تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جي حلقي ۾ شرڪت جي عادت اپنايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون حاصل ٿينديون * حديث پاڪ جي مطابق جيڪو صبح جي وقت مسجد ۾ نيڪي سکڻ جي لاءِ ويندو آهي، ان کي عمري جو ثواب ملندو آهي. ([2]) * صبح جو وقت نيڪين ۾ گذرندو ته برڪت ملندي * سمورو ڏينهن سٺو گذرندو * صبح صبح علمِ دين سکڻ جو موقعو نصيب ٿيندو * شجري شريف جي صورت ۾ نيڪ ٻانهن جو ذڪر ٿيندو * انهن جي محبت دل ۾ پيدا ٿيندي * اولياءِ ڪرام جي روحاني توجهه نصيب ٿيندي * ايمان تازو ٿيندو * انهن جي وسيلي سان ڪيل دعائون اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قبول ٿينديون * هڪ وڏي برڪت هيءَ ته نمازِ فجر کان نمازِ اشراق تائين مسجد ۾ رهڻ سنتِ مصطفيٰ آهي ان تي عمل جي سعادت ملي ويندي * حديث پاڪ موجب جيڪو نمازِ فجر کان پوءِ ذڪرُ الله ۾ مشغول رهي، پوءِ اشراق ۽ چاشت جا نفل پڙهي، ان کي جهنم جي باھ نه ڇهندي. ([3]) 

وِيزائون ملي ويون

هڪ اسلامي ڀاءُ تقريباً 14 سالن کان ٻاهرين ملڪ ۾ آهي جتي سندن


 

 



[1]... ابن ماجہ، باب فضل من تعلم القرآن و علمہ، صفحہ:48، حدیث:219۔

[2]... مستدرک، کتاب العلم، باب من جاء المسجد...الخ، جلد:1، صفحہ:281، حدیث:317۔

[3]... شعب الایمان، باب فی الصیام، جلد:3، صفحہ:420، حدیث:3957۔