Bemari Ke Aadaab

Book Name:Bemari Ke Aadaab

ڪٿي رب ناراض نه ٿي ويو  هجي ...؟

حضرت ابو هريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: هڪ دفعي حضرت عثمان غني رَضِیَ اللهُ عَنْہُ بيمار ٿي پيا، الله پاڪ جا سڀني کان آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم کي ساڻ ڪري انهن جي تيمارداري لاءِ تشريف کڻي آيا ته ڏٺائون ته حضرت عثمان غني رَضِیَ اللهُ عَنْہُ زمين ڏانهن مُنهُن ڪري ليٽيل هئا، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: عثمان! ڇا ٿيو آهي، پنهنجو مٿو مٿي ڇو نه ٿا ڪريو؟ عرض ڪيائون: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مون کي الله پاڪ کان حياء اچي رهيو آهي. سرڪارِ عالي وقار، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ڇا جي ڪري حيا اچي رهيو آهي؟ عرض ڪيائون: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مون کي خوف ٿي رهيو آهي ته ڪٿي منهنجو پاڪ پروردگار مون کان ناراض نه ٿي ويو هجي ...!! ([1]) 

اللہُ اکبر! اي عاشقانِ رسول! حضرت عثمان غني رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ڪو به گناهه جو ڪم نه ڪيو هو، الله پاڪ جي ناراضگي وارو ڪو به ڪم نه ڪيو هئائون، پر جيڪو سچو عاشق هوندو آهي، ان کي بس هر وقت هي انديشو هوندو آهي ته ڪٿي منهنجو محبوب مون کان ناراض نه ٿي وڃي، حضرت عثمان غني رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي به اهڙو ئي انديشو ٿي رهيو هو، پاڻ زمين ڏانهن منهن ڪري ليٽيل هئا، مٿو مٿي نه کڻي رهيا هئا، يعني پنهنجي پَرِ ۾ اظهارِ ندامت ڪري رهيا هئا ته هاءِ! منهنجو رَب مون کان ناراض ته نه ٿي ويو آهي. جڏهن سلطانِ انبياء، محبوبِ خدا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي پياري صحابي حضرت عثمان غني رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي ڳالهه ٻڌي ته ارشاد فرمايائون: عثمان! هي جبرائيل عَلَیْهِ السَّلَام آهن، مون کي ٻڌائي رهيا آهن ته تون آسمان وارن جو نور آهين، زمين ۽ جنت وارن جو ڏيئو آهين. ([2]) 


 

 



[1]...ریاض النضرۃ، الباب:الثالث، فصل:السادس، جز:3، صفحہ:20۔

[2]...ریاض النضرۃ، الباب:الثالث، فصل:السادس، جز:3، صفحہ:20۔