Book Name:Bemari Ke Aadaab
۾ ڪندو هو ان جي لاءِ اهوئي لکو. پوءِ جيڪڏهن الله پاڪ ان کي شفا عطا فرمائيندو آهي ته ان جا (گناهه) ڌوپجي ويندا آهن ۽ هو پاڪ ٿي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن کيس موت اچي وڃي ته ان جي مغفرت فرمائي ويندي آهي ۽ ان تي رحم ڪيو ويندو آهي. ([1])
(4): مريض جا گناهه ائين ڇڻندا آهن جيئن سُڪَل وڻ جا پن ڇڻندا آهن. ([2])
(5): الله پاڪ فرمائي ٿو: جڏهن مان پنهنجي ٻانهي جون اکيون کَسي وٺان ۽ پوءِ هو ان تي صبر ڪري ته مان کيس اکين جي بدلي جنت عطا ڪندس. ([3])
حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو هڪ رات بخار ۾ مبتلا ٿئي ۽ ان تي صبر ڪري ۽ الله پاڪ کان راضي رهي ته پنهنجي گناهن کان ائين نڪري ويندو آهي جهڙو ان ڏينهن هو جنهن ڏينهن سندس ماءُ کيس ڄڻيو هو. ([4])
بخار محشر جي باهه کان بچائيندو
الله پاڪ جي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ مريض جي عيادت فرمائي ته فرمايو: توکي بشارت هجي ڇو ته الله پاڪ فرمائي ٿو: بخار منهنجي باھ آهي تنهنڪري مان ان کي پنهنجي مومن ٻانهي تي دنيا ۾ مسلط ڪندو آهيان ته جيئن قيامت جي ڏينهن جي باھ جو حصو (يعني بدلو) ٿي وڃي. ([5])
پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ دفعي حضرت اُمِّ سائب رَضِیَ اللهُ عَنْہا وٽ تشريف
[1]...مسند احمد، جلد:5، صفحہ:750، حدیث:14063۔
[2]...الترغیب و الترہیب، کتاب الجنائز، الترغیب فی الصبر...الخ، صفحہ:1069، حدیث:56۔
[3]...بخاری، کتاب المرضیٰ، باب فضل من ذہب بصرہ، صفحہ:1433، حدیث:5653۔
[4]... شعب الایمان، باب صبر علی المصائب، فصل فی ذکر...الخ،جلد:7، صفحہ:167، حدیث:9868۔
[5]... ابن ماجہ، کتاب الطب، باب الحمی، صفحہ:563، حدیث:3470۔