Bemari Ke Aadaab

Book Name:Bemari Ke Aadaab

خودمختيار نه آهين، تون محتاج آهين. 

یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ اَنْتُمُ الْفُقَرَآءُ اِلَى اللّٰهِۚ-وَ اللّٰهُ هُوَ الْغَنِیُّ الْحَمِیْدُ(۱۵) (پارو: 22، سورة فاطر: 15)

ترجموڪنزالعرفان: اي انسانو! توهان سڀ الله جا محتاج آهيو ۽ الله ئي بي نياز، تمام خوبين وارو آهي.

تنهنڪري انسان کي گهرجي ته پنهنجي اوقات سڃاڻي ۽ رَب ڪريم جي حضور ۾ هميشه عاجزي اختيار ڪندو رهي. 

اُچِّے بَوْل نَہ بَوْل ظُہُوْرِی رَبّ دَے بَنْدِے کِہْہ گَئْے نِے

نِیْوِیْں پَا کَے ٹُرْدِیَاں رِہْنَا چَنّْگَا لَگْدَا اِےْ

وضاحت: اي ظهوري! الله پاڪ جا نيڪ ٻانها چئي ويا آهن ته ڪڏهن به فخر، غرور ۽ تڪبر واريون ڳالهيون نه ڪريو نه ئي اهڙا انداز اختيار ڪريو، ڇو..؟؟ ان ڪريِ ته اسان ٻانها آهيون، اسان جي لاءِ بهتر ۽ سٺو هي آهي ته اسان عاجزي اختيار ڪريون. 

بيماري الله پاڪ جي ياد ڏياريندي آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! بيماري تمام وڏي نعمت آهي ۽ ان جي نعمت هجڻ جو سڀ کان وڏو سبب هي آهي ته بيماري ماڻهو کي الله پاڪ جي ياد ڏياريندي آهي. قرآن ڪريم ۾ آهي: 

وَ اِذَا مَسَّ الْاِنْسَانَ الضُّرُّ دَعَانَا لِجَنْۢبِهٖۤ اَوْ قَاعِدًا اَوْ قَآىٕمًاۚ- (پارو: 11، يونس: 12)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جڏهن انسان کي تڪليف پهچندي آهي ته سمهندي، ويهندي ۽ بيهندي (هر حالت ۾) اسان کان دعا ڪندو آهي.

هيءَ انساني عادت آهي ته جڏهن ان کي ڪا مصيبت يا پريشاني ايندي آهي يا کيس ڪا تڪليف پهچندي آهي ته پهريان ته هُو تمام گهڻا هٿ پير هڻندو