Bemari Ke Aadaab

Book Name:Bemari Ke Aadaab

فرمايو: مومن جڏهن بيمار ٿيندو آهي ۽ پوءِ صحتياب ٿي ويندو آهي ته ان جي اِها بيماري سندس اڳين گناهن جو ڪفارو ٿي ويندي آهي ۽ اڳتي جي لاءِ نصيحت بڻجي ويندي آهي ۽ منافق جڏهن بيمار ٿيندو آهي ۽ بعد ۾ صحتياب ٿيندو آهي ته ان جو مثال اٺ وانگر آهي ته مالڪ ان کي ٻَڌو ۽ پوءِ کولي ڇڏيو ته ان کي نه اها خبر هوندي آهي ته ڇو ٻڌو ويو نه ئي اها خبر هوندي آهي ته ڇو کوليو ويو! ([1]) 

مشهور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن حديث پاڪ جي شرح ۾لکن ٿا: جيئن ته مؤمن بيماري ۾ پنهنجي گناهن کان توبهه ڪندو آهي ۽ سمجهندو آهي ته هيءَ بيماري منهنجي ڪنهن گناهه جي سبب آئي آهي ۽ شايد هيءَ آخري بيماري هجي جنهن کان پوءِ شايد موت اچي وڃي، تنهنڪري ان کي شفا سان گڏ مغفرت به نصيب ٿي ويندي آهي. (جڏهن ته) منافق غافل هي سمجهندو آهي ته مان ان ڪري  بيمار ٿيو هئس ته  (مثلاً فلاڻي شيءِ کاڌي هئي، موسم جي تبديلي جي سبب بيماري آئي آهي، اڄڪلهه هن بيماري جي وبا ڦهليل آهي وغيرهه) ۽ فلاڻي دوا سان مون کي آرام مليو (وغيره وغيره) اسباب ۾ اهڙو ته ڦاسي پوندو آهي جو مسبب الاسباب (يعني سبب پيدا ڪرڻ واري رب)  ڏانهن سندس نظر ئي نه ويندي آهي، نه توبهه ڪندو آهي ۽ نه ئي پنهنجي گناهن تي غور ڪندو آهي.  ([2])

مَرَض اُسی نے دیاہے دوا وہی دے گا      کرم سے چاہے گا جب بھی شفا وہی دے گا

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                             صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيماري جو برڪتون

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان بيمار ٿيندا آهيون، ان ۾ به وڏيون برڪتون آهن. ان سلسلي ۾ ڪجهه حديثون ٻڌو! 


 

 



[1]...ابو داود، کتاب الجنائز، باب الامراض المکفرۃ للذنوب، صفحہ:499، حدیث:3089۔

[2]... مراۃ المناجیح، جلد:2، صفحہ:424۔