Bemari Ke Aadaab

Book Name:Bemari Ke Aadaab

انهن مان هڪ عابد سخت بيمار ٿي پيو، هو الله پاڪ جي بارگاهه ۾ آهه وزاري ڪندي هن ريت التجا ڪرڻ لڳو: اي منهنجا پاڪ پروردگار! مان هيترا سال مسلسل تنهنجو حڪم مڃيندو رهيس، تنهنجي عبادت ڪندو رهيس، پوءِ به مون کي بيماري ۾ مبتلا ڪيو ويو اِن ۾ ڪهڙي حڪمت آهي؟ منهنجا مولا! مان ته آزمائش ۾ وِڌو ويو آهيان. الله پاڪ فرشتن کي حڪم فرمايو: هِن کي چئو ته، تون اسان جي ئي مدد، احسان ۽ عطا ڪيل توفيق سان ئي اسان جي عبادت جي سعادت ماڻي، باقي رهي بيماري! ته اسان توکي اَبرار جو رتبو ڏيڻ جي لاءِ بيمار ڪيو آهي. توکان پهريان وارا ماڻهو ته بيماري ۽ مصيبت جي خواهش ڪندا هئا ۽ اُها اسان توکي بغير گهرڻ جي عطا فرمائي آهي. ([1])

بيماري تمام وڏي نعمت آهي

مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: بيماري به هڪ تمام وڏي نعمت آهي، ان جا بيشمار فائدا آهن، جيتوڻيڪ ماڻهو کي ظاهري طور ان مان تڪليف پهچندي آهي، پر حقيقت ۾ راحت ۽ آرام جو هڪ تمام وڏو ذخيرو هٿ ايندو آهي. هيءَ ظاهري بيماري جنهن کي انسان بيماري سمجهندو آهي، حقيقت ۾ روحاني بيمارين جو هڪ تمام زبردست علاج آهي. حقيقي بيماري ته روحاني مرضَ (مثلاً دنيا جي محبت، دولت جو حرص، بخل، دل جي سختي وغيرهه) آهن جيڪي تمام خوف واريون شيون آهن ۽ انهن کي ئي مرضِ مهلڪ (يعني هلاڪ ڪرڻ واريون بيماريون) سمجهڻ گهرجي. ([2])

یہ ترا جسم جو بیمار ہے تشویش نہ کر             یہ مَرَض تیرے گناہوں کو مِٹا جاتا ہے

اصل بَربادکن امراض گناہوں کے ہیں       بھائی کیوں اِس کو فراموش کیا جاتا ہے

بيماري ۾ مومن ۽ منافق جو فرق

رسولِ هاشمي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بيمارين جو ذڪر ڪندي ارشاد


 

 



[1]...عیون الحکایات، الحکایۃ الحادیۃ و الخمسون بعد الثلاثمائۃ، صفحہ:312۔

[2]...بہارِ شریعت، جلد:1، صفحہ:799، حصّہ:4۔