Book Name:Bemari Ke Aadaab
ڪاش! اسان کي به اهڙي توفيق ملي وڃي. ڪاش! اسان به عاجزي اختيار ڪرڻ وارا، الله پاڪ کي ياد ڪرڻ وارا ۽ ان جي پاڪ بارگاهه جو ادب ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.
انبياءِ ڪرام عَلَیْهِم السَّلَام جو پيارو پيارو انداز ڏسو! الله پاڪ جي نبي حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جو جملو الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ ذڪر فرمايو آهي، پاڻ فرمائن ٿا:
وَ اِذَا مَرِضْتُ فَهُوَ یَشْفِیْنِﭪ(۸۰) (پارو: 19، سورة شعراء: 80)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جڏهن مان بيمار ٿيان ته اهوئي مون کي شفا ڏيندو آهي.
ادب ڏسو ڪيترو ڪمال جو آهي؟ سوچيو! ڇا انسان پاڻ بيمار ٿيندو آهي؟ نه. بيماري به الله پاڪ جي طرفان ئي ايندي آهي، شفا به ان ئي جي طرفان عطا ٿيندي آهي، پر هي حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جو ادب آهي، پاڻ مرض جي نسبت الله پاڪ ڏانهن نه ڪيائون، هي نه چيائون ته هُو مون کي بيمار ڪندو آهي، پر هينئن چيائون: جڏهن مان بيمار ٿيندو آهيان ته هو مون کي شفا عطا فرمائيندو آهي.
اهڙو ئي انداز اسان کي به اختيار ڪرڻ گهرجي، بيماري جي نسبت پاڻ ڏانهن ڪريون. هي نه چئون ته نه ڄاڻ ڪهڙو گناهه ٿي ويو آهي؟ مون کي ئي ڇو بيمار ڪيو ويو آهي؟ پر هينئن چئون ته مان بيمار ٿي ويو آهيان، اها منهنجن ئي ڪرتوتن جي سزا آهي. شفا الله پاڪ عطا فرمائيندو.
نيڪ ماڻهو بيماريءَ جي خواهش ڪندا هئا
حضرت وَہب بن منبه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کان منقول آهي: 2 عابد يعني عبادت گذار 50 سالن تائين الله پاڪ جي عبادت ڪندا رهيا، پنجاهين سال جي آخر ۾