Book Name:Bemari Ke Aadaab
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگي جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدار رسالت، شهنشاهه نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِيْ فَقَدْ اَحَبَّنِيْ وَمَنْ اَحَبَّنِيْ كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ يعني جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
2 فرامينِ مصطَفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: (1): جيڪو بيمار جي عيادت ڪندو آهي اهو جنّت جي باغن ۾ ويهندو آهي، جڏهن اهو اٿندو آهي ته 70 هزار ملائڪَ رات تائين ان جي لاءِ دعا ڪندا آهن. ([2]) (2): جيڪو ثواب جي اميد تي پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي عِيادت ڪري ته ان کي جهنّم کان 70 سالن جي فاصلي تائين پري ڪيو ويندو. ([3])
اي عاشقانِ رسول! بيمار جي عِيادت ڪرڻ سنّتِ مصطفٰي آهي بلڪه سنّتِ انبيا آهي * نبين جي نبي رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عادتِ ڪريمه هئي ته ڪنهن به صحابي (رَضِىَ اللهُ عَنْه) جي بيمار ٿيڻ جو اطلاع ملندو هو ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي عيادت جي لاءِ تشريف وٺي ويندا هئا * جيڪڏهن ڪو شخص 3 ڏينهن مسجد کان غائب رهندو هو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي مُتعلق ماڻهن کان پڇندا هئا، جيڪڏهن اهو بيمار هوندو هو ته ان جي