Bemari Ke Aadaab

Book Name:Bemari Ke Aadaab

عيادت فرمائيندا هئا([1]) *۽ عيادت جي لاءِ جيڪڏهن مديني پاڪ کان آخري ڪناري تائين به وڃڻو پوندو هو ته تشريف وٺي ويندا هئا ۽ پنهنجي صحابه (رَضِىَ اللهُ عَنْهم) جي عيادت فرمائيندا هئا([2])  * مشهور مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اخلاقِ ڪريمه مان آهي ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هر امير ۽ غريب جي گهر بيمار پُرسي جي لاءِ تشريف وٺي ويندا هئا([3])  * حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عادتِ ڪريمه هيءَ هئي ته جڏهن ڪنهن بيمار جي عيادت جي لاءِ تشريف وٺي ويندا هئا ته هي فرمائيندا هئا: لَا بَاْسَ طَہُوْرٌ اِنْ شَاۤءَ اللہ (يعني: ڪا حرج جي ڳالھ ناهي الله پاڪ چاهيو ته هي مرض (گناھن) کان پاڪ ڪرڻ وارو آهي) هڪ ڳوٺاڻي جي عيادت جي لاءِ تشريف وٺي ويا ته اهو ئي فرمايائون: لَا بَاْسَ طَہُوْرٌ اِنْ شَاۤءَ اللہ([4])

عيادت ۽ ٻين کوڙ روحاني علاج جي متعلق وڌيڪ معلومات جي لاءِ امير اهل سُنت جو رسالو بيمار عابد پڙهو۔  

         مختلف سُنّتون سکڻ لاءِ مڪتبة المدينه جي بهارِ شريعت جلد:3 مان حِصّو 16 ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت مولانا الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جو 91 صفحن جو رسالو 550 سُنّتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو. سُنّتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سُنّتن ڀريو سفر به آهي.

مجھ کو جذبہ دے سفر کرتا رہوں  پروَردگار  سنّتوں  کی تربیت کے قافِلے میں  بار بار

جو گناہوں  کے مَرَض سے تنگ ہے بیزار ہے           قافِلہ عطارؔ اُس کے واسِطے تیاّر ہے


 

 



[1]...مسند ابی یعلی،  جلد:3، صفحہ: 141، حدیث: 3429۔

[2]... مسلم،كتاب: جنائز، مریض کی عیادت کا باب ،صفحہ:331، حدیث:925خلاصۃً۔

[3]...مرآۃ المناجیح، جلد: 2، صفحہ:407۔

[4]...بُخاری،کتاب: المناقب، صفحہ:919، حدیث:3616 ۔