Book Name:Bemari Ke Aadaab
اللہ اکبر! پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته جڏهن اهڙو علاج ڪيو ويو جيڪو گناهه نه هو، بس توڪل جي خلاف هو، اهڙو علاج ڪرڻ جو هي اثر ظاهر ٿيو جو فرشتن سان ملاقات بند ٿي وئي ته پوءِ غور ڪريو! جيڪڏهن حرام شين سان علاج ڪرايو ويو ته ان جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو.؟
منقول آهي ته هڪڙو ٻانهو هڪ بيماريءَ جي شفا لاءِ سال ۾ هڪ ڀيرو شراب پيئندو هو. ان جي نحوست اها ظاهر ٿي ته معاذ الله! انتقال جي وقت سندس ايمان سلب ٿي ويو. اَلْاَمَانُ وَ الْحَفِيْظُ! الله پاڪ اسان کي محفوظ فرمائي! تنهنڪري علاج جي معاملي ۾ به شرعي رهنمائي جي عادت بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! ثواب به ملندو ۽ گهڻن گناهن کان به بچي ويندا.
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو
اي عاشقانِ رسول! سنتن تي عمل ڪرڻ ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به زور شور سان حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار برڪتون حاصل ٿينديون. ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو به آهي.
قرآن مجيد سکڻ تمام فضيلت وارو ڪم آهي: * حديثن ۾ هن طرح جو مضمون آهي ته: صبح ان حالت ۾ ڪريو جو يا ته اوهان عالِم هجو يا طالبِ علمِ دين. ([1]) * هڪ روايت موجب صبح جي وقت قرآن مجيد جي هڪ آيت