Book Name:Bemari Ke Aadaab
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمايو آهي:
هُنَالِكَ الْوَلَایَةُ لِلّٰهِ الْحَقِّؕ- (پارو: 15، سورة ڪهف: 44)
ترجموڪنزالعرفان: هتان پتو پيو ته سمورو اختيار الله سچي جي ئي لاءِ آهي.
هڪ ٻئي هنڌ الله پاڪ فرمايو:
وَ هُوَ الْقَاهِرُ فَوْقَ عِبَادِهٖ (پارہ:7، سورۂ انعام:61)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ اُهو ئي پنهنجن ٻانهن تي غالب آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! * اسان بيمار ٿيندا آهيون، پوءِ صحتياب به ٿي ويندا آهيون * ڪڏهن ڪڏهن اسان بيمار ٿيندا آهيون ته ڊگهي عرصي تائين بيماري هلندي رهندي آهي، اسان ڊاڪٽرن وٽ ويندا آهيون، دوائون (Medicines) کائيندا آهيون * ڪڏهن ڪڏهن آپريشن به ٿيندا آهن * ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر چوندا آهن ته ٻاهرين ملڪن مان به علاج ڪرائڻ ويندا آهيون، لکين روپيا خرچ ڪندا آهيون پر شِفا نه ملندي آهي.
اسان جي شديد خواهش هوندي آهي ته شِفا ملي وڃي، هيءَ تمنا ڪري رهيا هوندا آهيون ته ڪڏهن اها ڪهڙي گهَڙي ايندي، جو اسان تندرست ٿي وينداسين، پر اهڙي شديد خواهش جي باوجود به اسان جي مرضي نه هلندي آهي. هن مان اسان کي معلوم ٿي رهيو آهي ته ڪوئي آهي جنهن جي مرضي هلي رهي آهي.
کوئی تَو ہے جو نظامِ ہستی چلا رہا ہے، وہی خُدا ہے
جو رات کو دِن اور دِن کو رات بنا رہا ہے، وہی خُدا ہے
کسی کو سوچوں نے کب سراہا، وہی ہوا جو خُدا نے چاہا
جو سب کے ماتھے پہ مُہرِ قُدْرت لگا رہا ہے، وہی خُدا ہے