Bemari Ke Aadaab

Book Name:Bemari Ke Aadaab

ٿي وئي وغيره وغيره، اهڙيءَ طرح پاڻ پنهنجي بيماريءَ جا مڪمل تفصيل ٻڌائي ڇڏيائون) ڪنهن عرض ڪيو: عالي جاہه ...!! هي (ايترو تفصيل سان ٻڌائڻ) ڇا الله پاڪ سان شڪايت نه ٿي ويندي؟ پاڻ تمام خوبصورت جواب ڏنائون، توجهه سان ٻڌو! فرمايائون: لَا اِنَّمَا اَخْبِرُہٗ بِقُدْرَۃِ الْقَادِرِ عَلَیَّ نه ...!! اِها شڪايت نه آهي، پر مان ته هي ٻڌائي رهيو آهيان ته قدرتن واري رَب جي قدرت ڪيئن نه منهنجي بدن تي به جاري آهي (جو منهنجو پنهنجي بدن تي به ڪو اختيار نه ٿو هلي). ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! الله وارن جو به ڪيڏو نه نرالو شان آهي. سندن چيل هڪ هڪ ڳالهه حڪمت سان ڀرپور هوندي آهي. ڏسو! حضرت بشر حافي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه بيمار هئا ۽ طبيب (يعني ڊاڪٽر) کي پنهنجي بيماري جا تفصيل ٻڌائي رهيا هئا. 

اسان به بيمار ٿيندا آهيون، ڊاڪٽر وٽ اسان به ويندا آهيون، جيڪڏهن ڪو عيادت ڪرڻ ايندو آهي ته اسان به کيس پنهنجي بيماري جا تفصيل ٻڌائيندا آهيون، پر اسان ۾ ۽ ولي الله جي بيان ڪرڻ ۾ فرق ڏسو ڪيڏو وڏو آهي، اسان پنهنجي بيماريءَ جو تذڪرو همدرديون گڏ ڪرڻ لاءِ ڪندا آهيون ۽ الله پاڪ جا ولي بيماري جا تفصيل ٻڌائڻ وقت به ماڻهن جي توجهه الله پاڪ ڏانهن ڪرائي رهيا آهن، ته ڏسو...!! مان انسان آهيان، اوهان به انسان آهيو، ٿورو غورڪريو ته! اسان رَب ڪريم جا ڪيڏا نه محتاج آهيون، جو هي هٿ اسان جا آهن، پير اسان جا آهن، نڪ، وات، مٿو، سينو، ٻانهون هي سمورو بدن اسان جو آهي، پر هن بدن تي اختيار اسان جو نه ٿو هلي، پر الله پاڪ جون قدرتون هن تي اثر ڪنديون آهن، جڏهن اهو مالڪ ڪريم! ايڏين قدرتن وارو آهي ۽ اسان ايڏا بي وس ۽ لاچار آهيون ته پوءِ ٻڌايو! اسان کي سندس مرضي جي خلاف، پنهنجي مرضي هلائڻ، تڪبر ڪرڻ ۽ ڊاڙون هڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، پر سچ ته هي آهي ته اُهو ئي مالڪ آهي، ڪامياب اهو آهي جيڪو سندس حضور ۾ پنهنجو سِرُ جهڪائي ڇڏيندو آهي. 


 

 



[1]...اللمع فی التصوف، کتاب آداب المتصوفہ، ذکر آداب المرضی فی مرضہم، صفحہ:272 مفصلاً۔