Book Name:Bemari Ke Aadaab
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات (عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.)[1](
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون، نيت ڪريو! *الله پاڪ جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بَاادب ويهندس *خوب تَوَجُّه سان بيان ٻڌندس *جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
بيماريءَ جا تفصيل ڇو ٻڌايا...؟
حضرت بشر حافي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تمام وڏا ولي الله ٿي گذريا آهن. سندن هڪ واقعو مشهور آهي ته پاڻ پهريان شراب جا عادي هئا، هڪ ڀيري بِسْمِ اللہ شريف لکيل ڪاغذ جو ادب ڪيائون ته رب ڪريم کين بلند مقام عطا فرمائي ڇڏيو. ([2])
منقول آهي: هڪ دفعي پاڻ بيمار ٿي پيا. جڏهن طبيب (يعني ڊاڪٽر) سندن چيڪ اپ ڪرڻ لاءِ آيو ۽ کانئس پڇيائين ته عالي جاہه! طبيعت کي ڇا ٿيو آهي؟
جيئن ته پاڻ ولي الله هئا ۽ ماڻهن کي توقع هئي ته اهي مختصر لفظن ۾ حالُ ٻڌائيندا ۽ اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ عَلٰی کُلِ حَالٍ چوندا، پر ڊاڪٽر ۽ اتي موجود مريدن جي توقع خلاف پاڻ پنهنجي بيماري جا تفصيل ٻڌائڻ شروع ڪيائون (مثلاً * اڳ ۾ مون کي هلڪو زڪام ٿيو * پوءِ مٿي ۾ سُور شروع ٿيو * ان سان گڏوگڏ بخار به وڌي ويو * سيني ۾ سُورَ جي تڪليف به شروع