Book Name:Bemari Ke Aadaab
سرورِ عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن ڪو شخص بيمار ٿيندو آهي ته الله پاڪ ان ڏانهن 2 فرشتا موڪليندو آهي ته وڃي ڏسو ته منهنجو ٻانهو ڇا چئي رهيو آهي؟ بيمار جيڪڏهن الله پاڪ جي حمد ۽ ثنا ڪندو آهي (مثلاً اَلْحَمْدُ للہ چوندو آهي) ته فرشتا الله پاڪ جي بارگاهه ۾ وڃي ان جو قول عرض ڪندا آهن ۽ الله پاڪ خوب ڄاڻيندو آهي. ارشادِ الٰهي ٿيندو آهي: جيڪڏهن مان هن شخص کي هن بيماري ۾ موت ڏنو ته ان کي جنت ۾ داخل ڪندس ۽ جيڪڏهن صحت عطا ڪئي ته ان کي پهريان کان به بهتر گوشت ۽ رت ڏيندس ۽ سندس گناهه معاف ڪري ڇڏيندس. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اچو مان اوهان کي بيماري جي فضائل تي مشتمل 5 حديثون ٻڌايون ٿو:
(1): بيشڪ الله پاڪ پنهنجي ٻانهي کي بيماري ۾ مبتلا ڪندو رهندو آهي ايستائين جو ان جو هر گناهه مٽائي ڇڏيندو آهي. ([2])
(2): جڏهن مومن بيمار ٿيندو آهي ته الله پاڪ ان کي گناهن کان ائين پاڪ ڪري ڇڏيندو آهي جيئن بَٺِي لوهه جي ڪَٽُ يعني زنگ کي صاف ڪري ڇڏيندي آهي. ([3])
(3): جڏهن الله پاڪ ڪنهن مسلمان کي جسماني تڪليف ۾ مبتلا ڪندو آهي ته فرشتن کي فرمائيندو آهي: جيڪو نيڪ عمل هي تندرستيءَ جي حالت