Book Name:Bemari Ke Aadaab
وٺي ويا ۽ فرمايائون: توکي ڇا ٿيو آهي جو ڏَڪِي رهي آهين؟ عرض ڪيائين: بخار ٿيو آهي، الله پاڪ ان ۾ برڪت نه ڪري. ان تي پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: بخار کي برو نه چئو ڇوته هي ته ماڻهو جي خطائن کي ائين دور ڪندو آهي جيئن بَٺِي لوهه جي مَرُ کي دور ڪندي آهي([1]).
مشهور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: بيماري هڪ يا ٻن عضون کي ٿيندي آهي پر بخار مٿي کان پيرن تائين هڪ هڪ رڳ تي اثر ڪندو آهي، تنهنڪري اهو سموري جسم جي خطائن ۽ گناهن کي معاف ڪرائيندو. ([2])
یہ ترا جسم جو بیما ر ہے تشو یش نہ کر یہ مَرَ ض تیر ے گنا ہو ں کو مٹاجاتا ہے
پيارا اسلامي ڀائرو! بيمار ٿيڻ اسان وٽ هڪ عام رواجي ڳالهه آهي، اسان اڪثر بيمار ٿيندا ئي رهندا آهيون. مان بيماري جي حالت جا ڪجهه آداب عرض ڪري رهيو آهيان.
ڏسو! اسلام ڪيڏو پيارو دين آهي. دنيا ۾ حقن ۽ آدابن جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي * اٿڻو ڪيئن آهي؟ * ويهڻو ڪيئن آهي؟ * گهمڻ ڦرڻ جا آداب * ملاقات جا آداب. هي ڪجهه عنوان آهن جن تي جديد فلسفو ڳالهائيندو آهي، قربان وڃجي! اسلام اهو دين آهي جيڪو ننڍپڻ کان وٺي پوڙهائپ تائين زندگي جي هڪ هڪ مرحلي جا، هڪ هڪ حالت جا، هڪ هڪ ڪيفيت جا الڳ الڳ آداب اسان کي سيکاريندو آهي. شايد توهان به پهريون ڀيرو ٻڌو هجي ته بيماري جا به آداب ٿيندا آهن. جي ها! ٿيندا آهن. ڪهڙا ٿيندا آهن؟ ٻڌو!