Bemari Ke Aadaab

Book Name:Bemari Ke Aadaab

پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ حقيقت آهي ته بيماري الله پاڪ سان ملائڻ واري ۽ رَبَّ ڪريم جي ياد ڏيارڻ واري هوندي آهي. 

شڪايتون نه ڪندا ڪريو ...!!

پر...!! افسوس! هاڻي اسان وٽ حالتون تمام عجيب ٿي ويون آهن. بيماري اها آهي جيڪا انسان جو غرور ٽوڙي ڇڏيندي آهي، دل ۾ الله پاڪ جي ياد وڌائيندي آهي، پر اسان وٽ ڪجھ ماڻهو بيمار ٿين ته بجاءِ ان جي ته الله پاڪ جي حضور ۾ سر جهڪائين، رَهندو شڪايتون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن. مثال طور: * آخر هيءَ بيماري مون کي ئي ڇو لڳي؟ * مان ڪنهن جو ڇا بگاڙيو هو؟ * غربت اڳ ۾ ئي تمام گهڻي هئي، هاڻي هيءَ بيماري به لڳي وئي * بس يار! ڇا ڪريون. فلاڻا فلاڻا وڏا وڏا گنهگار ڏسو! ٺيڪ ٺاڪ آهن، بيماري به بس غريبن جي لاءِ رهجي وئي آهي * ڪجهه نادان ته الله پاڪ تي اعتراض ڪرڻ شروع ڪندا آهن. ياد رکو! الله پاڪ تي اعتراض ڪرڻ سان ماڻهو اسلام کان ٻاهر نڪري ويندو آهي. امير اهل سنت دامَت بَرَکاتُہمُ العالِیہ پنهنجي ڪتاب ڪُفريه ڪلمات جي باري ۾ سوال جواب ۾ ان جو هڪ مثال لکيو آهي. تمام اهم ڳالهه آهي، غور سان ٻڌو، لکن ٿا: جيڪڏهن ڪنهن بيماري يا ڪنهن مصيبت جي سبب الله پاڪ تي اعتراض ڪندي چيو ته: اي منهنجا رَب! تون مون تي ظلم ڇو   ڪري رهيو آهين؟ جڏهن ته مان ڪو  گناهه به نه ڪيو آهي. ائين چوڻ وارو  ڪافر ٿي ويندو. ([1]) 

اللہ ہمیں کر دے عطا قُفلِ مدینہ               ہر ایک مسلماں لے لگا قفلِ مدینہ

بک بک کی یہ عادت نہ سرِ حشر پھنسا دے  اللہ زَباں کا ہو عطا  قفلِ مدینہ([2])


 

 



[1]...کفریہ کلمات کےبارے میں سوال جواب، صفحہ:179۔

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:93 ملتقطاً۔