Book Name:Bemari Ke Aadaab
جو دِل کو ضیا دے جو مقدر کو جِلا دے وہ جلوۂ دیدار ہے عثمانِ غنی کا
جس آئینہ میں نُورِ اِلٰہی نظر آئے وہ آئینہ رُخسار ہے عثمان غنی کا ([1])
سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هي صحابيءِ رسول جو پيارو پيارو انداز آهي. توهان ٿورو ٻنهي طرفن جو جائزو وٺو! هڪ اسان آهيون، اسان جي حالت هيءَ آهي جو اسان ڏينهن رات گناهه ڪندا آهيون * فجر جي نماز پڙهڻ نه پڄندي آهي * جماعت جيڪا واجب آهي، اسان کان اڪثر ڇُٽِي ويندي آهي * حلال حرام جي تميز اسان کي نه آهي * روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ سوشل ميڊيا تي فضوليات يا گناهن سان ڀريل معاملن ۾ گذري ويندا آهن * نظرن جي حفاظت اسان نه ڪري سگهندا آهيون * ڪنن کي گناهن کان بچائڻ جو ذهن اسان جو نه آهي * غيبتون اسان ڪري رهيا هوندا آهيون * چغليون اسان هڻي رهيا هوندا آهيون * ڪوڙ جو ته ڪو ڪاٿو ئي ناهي، زبان مان مسلسل ڪوڙ نڪرندو ئي رهندو آهي. اسان جي حالت اها آهي ۽ چئي ڇا رهيا هوندا آهيون؟ خبر ناهي ڪهڙو گناهه ٿي ويو آهي؟ خبر ناهي هيءَ بيماري ڪهڙي گناهه جي سزا آهي؟
ٻئي طرف صحابيءِ رسول مسلمانن جي ٽئين خليفي ذو النورين حضرت عثمان غني رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو مبارڪ انداز ڏسو! * گناهه نه ڪندا آهن * بي حد متقي آهن * نيڪ آهن *پرہيزگار آهن * نمازي آهن ۽ سُبْحٰنَ الله! نمازي به ڪهڙا؟ اسان ته پنهنجي پاڙي جي مسجد ۾ نماز پڙهندا آهيون، اهي اعليٰ شان واري مسجد نبوي شريف ۾، نبين جي امام صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پويان نماز پڙهندا هئا. نيڪين جو عالَم هي آهي جو بيمار ٿي پيا ته ڇا چئي رهيا آهن: مون کي خوف ٿي رهيو آهي ته ڪٿي منهنجو رَب مون کان ناراض نه ٿي ويو هجي.