Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat
جتي ظاهري طور ڪو مددگار نظر نه اچي رهيو هجي، اهڙي جاءِ تي جيڪڏهن مدد گهرجي ته ڪنهن کي سڏيو! الله جي ٻانهن کي...!
غور ته ڪريو! ڇا محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم (معاذ الله!) نه ٿا ڄاڻن ته الله پاڪ مددگار آهي، ته پوءِ ان کان ئي مدد گهري وڃي، انهن ئي ته اسان کي الله پاڪ کان گهرڻ سيکاريو آهي، يعني جنهن محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي الله پاڪ کان گهرڻ سيکاريو آهي، اهي ئي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي ترغيب ڏئي رهيا آهن ته الله پاڪ جي ٻانهن کان گهرو! ۽ ٻانها به اهي جيڪي ظاهري طور نظر نه اچي رهيا آهن، اکين کان غائب آهن، تنهنڪري جن جي تعليم تي اسان الله پاڪ کان گهرندا آهيون، انهن جي ترغيب تي اسان اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه م کان به مدد گهرندا آهيون.
هڪ دفعو حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه بيان فرمائي رهيا هئا ته اوچتو بيان جي دوران پاڻ خاموش ٿي ويا ۽ فرمايائون: 100 اشرفيون پيش ڪيون وينديون پوءِ اڳتي بيان ڪندس. ايترو ٻڌڻ جي دير هئي، هڪ ٻه نه پر 40 ماڻهو 100، 100 اشرفيون کڻي حاضر ٿي ويا. پاڻ هڪ خوشنصيب کان اشرفيون قبول فرمايون ۽ پنهنجي خادم حضرت ابو رضا رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي ڏيندي فرمايائون: فلاڻي قبرستان ۾ وڃو! اتي توهان کي هڪ پوڙهو نظر ايندو، جيڪو گٽار وڄائي رهيو هوندو، هي اشرفيون ان کي ڏيو ۽ کيس پاڻ سان گڏ مون ڏانهن وٺي اچو. خادم فوراً حڪم تي عمل ڪيو، جڏهن هو قبرستان پهتو ته ڏٺائين ته اتي هڪ پوڙهو موجود آهي، جيڪو گِٽار وڄائي رهيو آهي. خادم پوڙهي کي سلام ڪيو ۽ چيو: حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه توهان جي لاءِ 100 اشرفيون موڪليون آهن. اهو ٻڌڻ سان ئي ان پوڙهي ماڻهوءَ دانهَن ڪئي ۽ زمين تي ڪري بيهوش ٿي ويو. جڏهن کيس هوش آيو ته خادم چيو: حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه توهان کي ياد فرمائي رهيا آهن. تنهن تي اهو