ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat

Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat

اي شيخ عبد القادر جيلاني  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ! الله پاڪ جي واسطي مون کي ڪجهه عطا ڪريو! اهو ڏسي هو ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ ناراضگيءَ جي انداز ۾ پنهنجا وسوسا ظاهر ڪرڻ لڳو. ميان شير محمد شرقپوري  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  وليءِ ڪامل هئا ۽ اولياءِ ڪرام  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہم  صاحبِ قال نه پر صاحبِ حال هوندا آهن، يعني اُهي چوندا گهٽِ آهن، ڪري وڌيڪ ڏيکاريندا آهن. پاڻ ان جي ڪاوڙيل لهجي تي صبر ۽ تحمل ڪيائون. پوءِ جڏهن اهو شخص واپس وڃڻ لڳو ته پاڻ به دروازي تائين ساڻس گڏ ويا. جڏهن دروازي جي ويجهو پهتا ته پاڻ بلند آواز سان چيائون: یَا شَیْخ عَبْد القَادِرِجِیْلَانِیْ شَیْئًا للہ! اي شيخ عبد القادر جيلاني! الله پاڪ جي واسطي ڪجهه عطا ڪريو! بس ايترو چوڻ جي دير هئي ته هڪ تمام حسين، خوبصورت ۽ صاحب جلال بزرگ ظاهر ٿيا. انهن جو جلال،  رعب ۽ دٻدٻو ڏسي اهو بدمذهب ڏڪڻ لڳو ۽ سندن حسن جي تاب نه سَهِي سگهيو. ميان شير محمد شرقپوري  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  فرمايو: مولوي صاحب! هِي ئي ته شيخ عبد القادر جيلاني  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  آهن، جن کي اسان مدد جي لاءِ سڏيندا آهيون. هي مئل نه آهن، پر الله پاڪ جي عطا سان زندهه آهن، ان ڪري اسان کين سڏيندا آهيون. اهو سڄو منظر ڏسي ان شخص جا وسوسا ختم ٿي ويا ۽ هو توبهه ڪري خوش عقيده، عاشقِ رسول ۽ عاشقِ اولياء بڻجي ويو. ([1]) 

شَیْئًا لِلّٰہِ یَا عَبْدَالقَادِرِ یَا ساکِن بَغْدَاد یَا شَیْخَ الْجِیْلَانِیْ

کرم چاہئے تیرا، تیرے خُدا کا                                                                                    کرم غوثِ اعظم، کرم غوثِ اعظم

خدارا ذرا ہاتھ سینے پہ رکھ دو                                                                                                      ابھی مٹتے ہیں غم، اَلَم غوثِ اعظم

خبر لو ہماری کہ ہم ہیں تمہارے                                                                           کرو ہم پہ فضل و کرم غوثِ اعظم

کرم سے کیا رہنما رَہْزنوں کو                                                                                            ادھر بھی نگاہِ کرم غوثِ اعظم ([2])

شَیْئًا لِلّٰہِ یَا عَبْدَالقَادِرِ یَا ساکِن بَغْدَاد یَا شَیْخَ الْجِیْلَانِیْ


 

 



[1]...خلیفۃ اللہ، صفحہ:355 خلاصۃً۔

[2]...سامان بخشش، صفحہ:123-127 ملتقطًا۔