Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat
سڀني انبياءِ ڪرام عَلَیْهِمُ السَّلَام کي پهچي * منجهند جي کاڌي ۾ نيت ڪريو: هاڻي جيڪو کاڌو کائينداسين (يا کاڌو آهي) ان جو ثواب سرڪار غوث اعظم ۽ سڀني اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه م کي پهچي. * رات جو نيت ڪريو ته هاڻي جيڪو کائينداسين ان جو ثواب اعليٰ حضرت امام اھلسنت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ۽ هر مسلمان مرد ۽ عورت کي پهچي يا هر ڀيري سڀني کي ايصال ثواب ڪيو وڃي ۽ اهو ئي انسب (يعني وڌيڪ مناسب) آهي.
ياد رکو! ايصال ثواب فقط ان صورت ۾ ٿي سگهندو جڏهن اهو کاڌو ڪنهن سٺي نيت سان کاڌو وڃي، مثلاً عبادت تي قوت حاصل ڪرڻ جي نيت سان کاڌو ته اهو کاڌو ڪارِ ثواب ٿيو ۽ ان جو ايصال ثواب ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن هڪ به سٺي نيت نه هوندي ته کاڌو کائڻ مباح آهي، يعني ان تي نه ثواب آهي، نه گناهه. هاڻي جڏهن ثواب ئي نه مليو ته ايصال ثواب ڪيئن ٿيندو. پر جيڪڏهن ٻين کي ثواب جي نيت سان کاڌو کارايو آهي ته ان کاڌي جو ثواب ايصال ٿي سگهي ٿو. (8) جيڪڏهن ممڪن هجي ته روزانو (نفع تي نه پر) پنهنجي وِڪري (Sale) جو چوٿون فيصد (يعني چار سؤ روپين تي هڪ روپيو) ۽ نوڪري ڪرڻ وارو پنهنجي پگهار جو مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ فيصد سرڪار غوث اعظم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي نياز لاءِ ڪڍِي، ايصال ثواب جي نيت سان ان رقم مان ديني ڪتاب ورهايو يا ڪنهن به نيڪ ڪم ۾ خرچ ڪريو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون بيشمار برڪتون حاصل ٿينديون. (9) مسجد يا مدرسو ٺهرائڻ صدقه جاريه ۽ ايصال ثواب ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. ([1])
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀرياِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون