ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat

Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat

ماڊرن نوجوان جي توبهه

هڪ اسلامي ڀاءُ جي تحرير جو خلاصو آهي ته دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچڻ کان پهريان مان گناهن ڀَري زندگي گذاري رهيو هيس. هڪ ڀيري هڪ اسلامي ڀاءُ دعوت اسلامي جي تحت ٿيڻ واري آخري ڏهاڪي جي اجتماعي اعتڪاف ۾ شرڪت ڪرڻ جي ڀرپور ترغيب ڏياري، جنهن ڪري الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان مون کي اعتڪاف جي سعادت ملي. اجتماعي اعتڪاف جو پُرڪيف ماحول، پرسوز بيان، سحري ۽ افطاري جا روحاني منظر تمام سٺا لڳا. ڪرم مٿان ڪرم هي ٿيو جو امير اھلسنت  دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه   جي علمي ۽ روحاني مدني مذاڪرن ۽ رقت انگيز دعائن دل مان گناهن جو ميرُ ڪڍي ڇڏيو. منهنجي گناهن سان ڀريل اونداهي زندگي ۾ عشق مصطفيٰ جي روشني ڦهلجي وئي. مون پنهنجي گناهن کان سچي توبهه ڪئي ۽ امير اھلسنت دامت  دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه   سان بيعت ٿيڻ جو شرف حاصل ڪيو، اَلحمدُ لِلّٰہ! ڏاڙھي شريف سان چھرو سينگاري ڇڏيو، مٿي تي عمامي شريف جو تاج سجايو ۽ سنتن سان ڀرپور زندگي گذارڻ لاءِ دعوت اسلامي جو ديني ماحول اختيار ڪيو. ([1])

مقبول جہاں بھر میں ہو دعوتِ اسلامی            صدقہ تجھے اے ربِّ غَفَّار! مدینے کا ([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!     صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

مدني قاعدھ (Madani Qaida) موبائِل ايپلي ڪيشن

پيارا اسلامي ڀائرو! قرآن ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جي آءِ ٽي I.T ڊپارٽمينٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعدھ (Madani Qaida). هن ايپلي ڪيشن ۾


 

 



[1]...بدچلن کیسے تائب ہوا؟، صفحہ:12تا 14 بتغیر۔

[2]...وسائلِ بخشش،صفحہ:180۔