ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat

Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat

حقيقي جسم سان اسان جي اکين جي سامهون هوندو آهي، اُن ئي وقت پنهنجي مثالي جسم سان عرش الٰهي جي هيٺان حاضر ٿي سجدو ڪري رهيو هوندو آهي. (فتاوى حديثيه للسيوطي) 

سُبْحٰنَ اللہ! سج جاندار نه آهي، دل نه ٿو رکي، انسانن جي خدمت لاءِ بڻايو ويو آهي. جڏهن سج کي الله پاڪ اها طاقت عطا فرمائي آهي ته اُهو هڪ ئي وقت ٻن هنڌن تي موجود هوندو آهي ته پوءِ الله وارن جو ته شان ئي نرالو آهي، الله پاڪ انهن کي به طاقت بخشيندو آهي ۽ اُهي پنهنجي مثالي جسم سان هڪ ئي وقت ڪيترن ئي جاين تي موجود ٿي ويندا آهن. 

گئے اِک وقت میں  ستر مریدوں  کے یہاں  آقا            سمجھ میں  آ نہیں  سکتا مُعَمَّا غوثِ اعظم کا

جُتِي مبارڪ ڌاڙيلن جو   ڪم پُورو ڪري ڇڏيو

شيخ ابو عمرو ۽ شيخ عبد الحق حريمي  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ما فرمائن ٿا: 555 هجري جي ڳالهه آهي، 3  صفر شريف آچر (Sunday) تي اسان حضور غوث اعظم شيخ عبد القادر جيلاني  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جي مدرسي ۾ حاضر هئاسين، ان وقت حضور غوث پاڪ  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  ڪاٺ جي چپل پاتي ۽ وضو فرمايو، وضو کان پوءِ پاڻ ٻه رڪعتون نفل ادا ڪيائون، نماز کان فارغ ٿي بلند آواز سان پڪاري ڪجهه چيائون ۽ هڪ ڪاٺ جي چپل کي هوا ۾ اڇلايو، پوءِ ٻي چپل به هوا ۾ اڇلايائون، ٻئي چپل اسان جي نظرن کان اوجهل ٿي ويا. پاڻ ٻيهر پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيا. اسان مان ڪنهن کي به ان بابت پڇڻ جي جرئت نه ٿي. 

      23  ڏينهن گذرڻ کان پوءِ غوث پاڪ  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جي مدرسي ۾ هڪ قافلو آيو، قافلي وارن چيو: اسان کي غوث پاڪ  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جي خدمت ۾ نذرانو پيش ڪرڻو آهي. تنهنڪري اسان غوث پاڪ  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  کان اجازت طلب ڪئي. فرمايائون: قافلي وارن کي اندر اچڻ ڏيو ۽ جيڪو ڪجهه اهي ڏين، سو وٺو! اسان قافلي وارن کي اندر اچڻ ڏنو، هنن ڪافي سامان  پِيرَن جي پِيرَ حضور غوث پاڪ  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جي بارگاهه ۾ نذراني طور پيش ڪيو، ان سامان ۾ حضور غوث پاڪ  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جا مبارڪ ڪاٺ جا چپل به هئا. اهو ڏسي اسان