Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان قرآن ڪريم جي آيت ٻڌي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته الله پاڪ به مددگار آهي، ان جا پيارا ٻانها به مددگار آهن. هن موقعي تي ڪجهه ماڻهو سوال ڪندا آهن ته چڱو ڀلا مڃون ٿا ته! اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه م مددگار آهن، پر جڏهن الله پاڪ بذاتِ خود اسان جي ٻڌندو به آهي، اسان جي مدد به فرمائيندو آهي، ته پوءِ ڀلا اسان ٻانهن کان مدد ڇو گهرون؟ فقط الله پاڪ کان ئي مدد گهرندا رهون.
وڏو اهم سوال (Important Question) آهي، ڪيترائي خوش عقيده ماڻهو به هن شيطاني وسوسي جو شڪار ٿي ويندا آهن. ان جو جواب ڪهڙو آهي؟ اچو ته! هڪ حديث پاڪ ٻڌون ٿا. حديثِ حسن آهي، يعني سَنَدَ جي اعتبار کان هن حديث ۾ ڪو ڪلام نه آهي، ڪيترن ئي مُحَدِثِين هن حديث پاڪ کي ذڪر ڪيو آهي ۽ وڏن وڏن عالمن ۽ مُحَقِقَن پاڻ هن حديث پاڪ جو تجربو به ڪيو آهي. اها حديث ڪهڙي آهي؟ ٻڌو! بدري صحابي حضرت عتبة بن غزوان رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: الله پاڪ جي محبوب نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن توهان مان ڪنهن جي ڪا شيءِ گم ٿي وڃي ۽ توهان هجو به ڪنهن ويران جاءِ تي، جتي ڪو مددگار به نه هجي، اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن هو مدد گهرڻ چاهي ته هينئن چوي: يَا عِبَادَ اللهِ أَغِيثُونِي، يَا عِبَادَ اللهِ أَغِيثُونِي يعني اي الله جا ٻانهؤ! منهنجي مدد ڪريو! اي الله جا ٻانهؤ! منهنجي مدد ڪريو!
هاڻي غور ڪريو ته اِها تعليم ڪير ڏئي رهيا آهن؟ * اسان جا آقا، اسان جا هادي، اسان جا رهنما صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! دنيا جي اها هستي جيڪي سڀ کان وڏا توحيد پرست آهن * اُهي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيڪي سڀني کان وڌيڪ الله پاڪ جي معرفت رکڻ وارا آهن * اهي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيڪي سڀ کان وڌيڪ توحيد جو عَلَم بلند ڪرڻ وارا آهن * اهي هادي ۽ راهنما صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي تعليم ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن توهان اهڙي جاءِ تي هجو،