Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat
ڏيڻ وارو ڪير؟ الله پاڪ...! پر هتي حضرت جبرائيل امين عَلَیْهِمُ السَّلَام، يعني الله پاڪ جي پاڪ بارگاهه جا مقبول ترين ٻانها فرمائي رهيا آهن:
لِاَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِیًّا(۱۹)
(پارو: 16، مريم: 19)
ترجمو ڪنزالعرفان: ته جيئن مان توکي هڪ پاڪيزهه پُٽُ ڏيان.
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي عطا سان، الله پاڪ جي بارگاهه جا مقبول ٻانها به گهڻو ڪجهه عطا فرمائيندا آهن.
بخاري شريف جي حديث پاڪ ٻڌو! رسولِ اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: هَلْ تُنْصَرُوْنَ وَ تُرْزَقُوْنَ اِلَّا بِضُعَفَائِکُمْ يعني (اي انسانو...!! ٻڌي ڇڏيو!) توهان جي جيڪا مدد ڪئي ويندي آهي، توهان کي جيڪو رزق ڏنو ويندو آهي، اهو صرف ۽ صرف اوهان جي ضعيفن جي برڪت آهي.
علامه بدر الدين عيني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن حديث پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: هتي ضعيفن مان مراد عبادت ڪرڻ وارا ماڻهو آهن، هِي اُهي آهن جيڪي دنيا سان تعلق نه رکندا آهن، دنيا جي زيب و زينت ۾ نه پوندا آهن، هر شيءِ سان تعلق ٽوڙي صرف الله پاڪ سان تعلق جوڙيندا آهن، نهايت اخلاص سان الله پاڪ جي عبادت ڪندا آهن، انهن جي اهڙي اخلاص واري عبادت جي صدقي الله پاڪ سڄي دنيا کي رزق به عطا فرمائيندو آهي ۽ سڀني جي مدد به فرمائيندو آهي.
معلوم ٿيو ته ڏيندو يقيناً الله پاڪ ئي آهي، پر! پنهنجي مقبول ٻانهن جي واسطي سان، انهن جي وسيلي سان، انهن جي برڪت سان عطا فرمائيندو آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جا جيڪي مقبول ٻانها آهن، نيڪ ماڻهو آهن، اولياءِ ڪرام آهن، الله پاڪ فقط پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان انهن کي بيشمار