Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat
جنهن جيڪو گُهريو اُهو عطا ڪري ڇڏيائون
شيخ محمد بن محفوظ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو بيان آهي ته هڪ دفعو ڪيترائي پِيرَ حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ حاضر هئا. حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: پنهنجون پنهنجون حاجتون بيان ڪريو، جنهن کي جيڪو گهرجي، اهو ملندو.
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو...!! جيڪي پاڻ پِيرَ آهن، وڏي ڪمال وارا آهن، جن جي درن تان هزارين مريدن جون مرادون پوريون ٿينديون هونديون، اهي بارگاههِ غوثيت ۾ حاضر آهن ۽ غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڇا فرمايو: پنهنجون پنهنجون حاجتون بيان ڪريو! جنهن کي جيڪو گهرجي، اهو ملندو.
نہ کیونکر اَولیا اس آستانے کے بنیں منگتا کہ اِقلیمِ وِلایت پر ہے قبضہ غوثِ اعظم کا
موقعو غنيمت هو، سڀني بزرگن پنهنجون پنهنجون حاجتون بيان ڪرڻ شروع ڪيون. ڪنهن عرض ڪيو: مان مُجاهِدي (يعني نيڪين ۾ گهڻي محنت ڪرڻ) جي طاقت گهران ٿو. ڪنهن عرض ڪيو: مان خوف خدا جو طلبگار آهيان. ڪنهن عرض ڪيو: مان پنهنجو وقت محفوظ ڪرڻ (يعني ذڪر الله ۾ مشغول رهڻ) چاهيان ٿو. ڪنهن عرض ڪيو: مان علم ۾ اضافو ڪرڻ چاهيان ٿو. شيخ خليل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه عرض ڪيو: مان قطب بڻجڻ چاهيان ٿو. شيخ ابو البرڪات رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه عرض ڪيو: مان الله پاڪ جي محبت ۾ بي انتها اضافو چاهيان ٿو. شيخ ابو الفتوح رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه عرض ڪيو: مان قرآن ڪريم ۽ حديثِ رسول جو حافظ بڻجڻ چاهيان ٿو.
اهڙي طرح سڀئي پنهنجون پنهنجون حاجتون بيان ڪندا رهيا. جڏهن سڀئي عرض ڪري چڪا ته سرڪار غوثِ اعظم شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: اسان سڀني جي حاجتن تي سڀني جي مدد ڪريون ٿا.