ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat

Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat

شيخ ابو الخير  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  فرمائن ٿا: الله پاڪ جو قسم! ان مجلس ۾ جنهن جيڪو گهريو هو، ان کي اهو ئي مليو. شيخ حضرمي  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جن قرآن پاڪ حفظ ٿيڻ جي تمنا ڪئي هئي، الله پاڪ کين توفيق عطا فرمائي ۽ انهن 6 مهينن ۾ سمورو قرآن ڪريم حفظ ڪري ورتو. شيخ جميل  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جن عرض ڪيو هو ته مان پنهنجو وقت محفوظ ڪرڻ (يعني هر وقت ذڪر الله ۾ مشغول رهڻ) چاهيان ٿو، اهي ان درجي تي پهتا جو هر وقت تسبيح کڻي ذِڪرُ اللهِ ۾ مصروف رهندا هئا. شيخ محمد بن محفوظ  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  ، جيڪي هن واقعي کي بيان ڪري رهيا آهن، فرمائن ٿا: منهنجي دل ۾ مختلف قسمن جا خيال ايندا رهندا هئا، مان انهن ۾ فرق نه ڪري سگهندو هيس ته ڪهڙو خيال الله پاڪ جي طرفان آهي ۽ ڪهڙو خيال الله پاڪ جي طرفان نه آهي. تنهنڪري مون عرض ڪيو: حضور! مون کي اهڙي معرفت ملي وڃي جو مان دِلي ارادن ۾ فرق ڪري سگهان، مون کي خبر پئجي وڃي ته ڪهڙو خيال الله پاڪ جي طرفان آهي ۽ ڪهڙو الله پاڪ جي طرفان نه آهي. منهنجو عرض ٻڌي حضور غوث پاڪ  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  منهنجي سيني تي پنهنجو هٿ رکيو، جنهن سان منهنجي دل ۾ هڪ نور چمڪيو ۽ اڄ ڏينهن تائين اهو نور چمڪي رهيو آهي، ان جي برڪت سان مان دلي ارادن ۾ فرق محسوس ڪري سگهندو آهيان. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي پياري غوث پاڪ  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جو ڪيڏو نه نرالو شان آهي...!! اَلحمدُ لِلّٰہ! زماني جا غني، اُنَ پاڪ در جا سوالي آهن. اعليٰ حضرت  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  لکن ٿا: 

واہ کیا مرتبہ اے غوث ہے بالا تیرا                                                     اُونچے اُونچوں     کے سَروں     سے قدَم اعلیٰ تیرا

کیوں     نہ قاسِم ہو کہ تُو ابنِ ابی القاسم ہے                                     کیوں    نہ قادِر ہو کہ مختار ہے بابا تیرا

*-*-*-*-*


 

 



[1]...بَہْجَۃُ الْاَسْرَار، ذکر فصول من کلامہ...الخ، صفحہ:66-68 ملخصاً۔