Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat
جا مختلف ذريعا رکيا آهن. اَلحمدُ لِلّٰہ! نبي، ولي سڀ مشڪل ڪشا آهن، حاجت روا آهن، مدد ڪرڻ وارا آهن ۽ انهن جي مدد پنهنجي ذاتي طاقت سان نه پر حقيقت ۾ الله پاڪ جي ئي مدد آهي، جيڪا انهن جي ذريعي ڪئي ويندي آهي.
خير! اها ڳالهه روشن ڏينهن وانگر بلڪل واضح ۽ صاف آهي ته الله پاڪ جي نبين، ولين ۽ نيڪ ماڻهن کان انهن جي زندگي ۾ ۽ سندن وفات کان پوءِ به مدد گهرڻ، انهن کي پنهنجو مددگار سمجهڻ هرگز بُرو نه آهي، پر اهو عمل ڪيترين ئي مشڪلاتن جو بهترين حل آهي. بَہْجَۃُ الْاَسْرَار شریف ۾ آهي: حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: جنهن ڪنهن مصيبت ۾ مون کان مدد طلب ڪئي، ان جي اها مصيبت دور ٿي وئي، جنهن ڪنهن سختي ۾ منهنجو نالو پڪاريو، اها سختي ختم ٿي وئي، جيڪو منهنجي وسيلي سان الله پاڪ جي بارگاهه ۾ پنهنجي حاجت پيش ڪندو، اها حاجت پوري ٿيندي. جيڪو شخص 2 رڪعتون نفل پڙهي ۽ هر رڪعت ۾ سُورۂ فاتحہ کان پوءِ قُلْ ہُوَ اللہ شريف (يعني سورت اخلاص مڪمل) 11، 11 دفعا پڙهي، سلام وَرائِڻ کان پوءِ سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي درود شريف پڙهي، پوءِ بغداد شريف جي طرف 11 قدم هَلي منهنجو نالو کڻي ۽ پنهنجي حاجت بيان ڪري، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي اها حاجت پوري ٿيندي. ([1])
آپ جیسا پیر ہوتے کیا غَرَض دَر دَر پھروں
آپ سے سب کچھ ملا یاغوثِ اعظم دَسْت گِیر ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ نمازِ حاجات، جيڪا حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ٻڌائي، ان کي نماز غوثيه چوندا آهن. هيءَ نماز تمام مجرب آهي (يعني هن