ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat

Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat

صورتحال ڏسي هڪ خادم سندن خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: حضور...!! معاملو سمجهه ۾ نه ٿو اچي، اوهان ته مدرسي ۾ اسان سان گڏ هئا، ڪيڏانهن ويا ئي ڪونه هئا، پوءِ سڀني مريدن جي گهر هڪ ئي وقت ۾ وڃڻ ڪيئن ٿيو...؟ فرمايائون: اهي سڀئي سچا آهن. مون سڀني جي دعوت قبول ڪئي هئي ۽ سڀني جي گهر وڃي افطاري ڪئي آهي. 

گئے اک وقت میں ستّر مریدوں کے یہاں حضرت

سمجھ میں آ نہیں سکتا معما غوثِ اعظم کا

سِجُ سجدو ڪندو آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ شخص هڪ ئي وقت 71 هنڌن تي موجود ڪيئن ٿي سگهي ٿو...؟ ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ واري نه آهي...؟ ڪرامت چئبو ئي ان کي آهي جيڪا سمجهه ۾ نه اچي. 

مان اوهان کي هڪ حديث پاڪ ٻڌايان ٿو، اها حديث پاڪ بخاري شريف ۾ موجود آهي، حضرت ابوذر غفاري  رَضِیَ اللهُ عَنْہُ  کان روايت آهي رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: حِينَ ‌غَرَبَتِ ‌الشَّمْسُ ‌تَدْرِي اَيْنَ ‌تَذْهَبُ يعني جڏهن سج لهندو آهي، ڄاڻو ٿا ته ڪيڏانهن ويندو آهي؟ عرض ڪيائون: اللَّهُ وَرَسُولُهُ اَعْلَمُ ! الله پاڪ ۽ ان جو رسول  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ئي بهتر ڄاڻن ٿا. فرمايائون: فَاِنَّهَا تَذْهَبُ حَتَّى تَسْجُدَ تَحْتَ الْعَرْشِ، فَتَسْتَأْذِنَ فَيُؤْذَنُ لَهَا يعني اهو سج عرش الٰهي جي هيٺان حاضر ٿي الله پاڪ جي بارگاهه ۾ سجدو ڪندو آهي. 

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث پاڪ تي ٿورو غور فرمايو! سوال آهي ته ڇا سج ڪڏهن غروب ٿيو آهي؟ نه ٿيندو آهي. ڇوته هيءَ دنيا گول آهي، آني جي شڪل جهڙي آهي. جڏهن سج  پاڪستان ۾ لَهِي رهيو هوندو آهي ته آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ ان وقت اُڀري رهيو هوندو آهي. لَهندو ته ڪٿي به نه آهي. پوءِ هي عرش جي هيٺان وڃڻ، سجدو ڪرڻ، اهو ڪهڙي وقت ٿيندو آهي؟ عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا: الله پاڪ سج کي هڪ مثالي جسم عطا فرمائيندو آهي. سج پنهنجي