Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat
يعني سڀ الله پاڪ جي عطا سان آهي ۽ الله پاڪ جي عطا ڪرڻ ۾ ڪا رَنڊَ روڪ نه آهي، جنهن کي جيترو چاهيندو آهي، عطا فرمائيندو آهي.
ڏسو! غير مسلم دعويٰ ڪندا آهن ته اهي چنڊ تي پهتا آهن. مريخ تي وڃڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. انهن جي دعوا صحيح آهي يا نه، هي الڳ موضوع آهي، البته! لکين ماڻهو هن ڳالھ کي مڃين به ٿا، ڇا ڪڏهن ڪنهن جي ذهن ۾ آيو آهي ته انسان چنڊ تائين ڪيئن پهچي سگهي ٿو...؟ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ ذهن ۾ سوال پيدا نه ٿو ٿئي؟ ڇاڪاڻ ته جيڪي چنڊ تي پهتا آهن، اهي ظاهري اسبابن جي ذريعي پهتا آهن، پر ٿورو دل تي هٿ رکي ايمان سان غور ڪريو ته! سائنس ڪيتري به ترقي ڪري وٺي، جيڪڏهن الله پاڪ جي طرف کان مدد شامل نه هجي، ته چنڊ تي پهچڻ ته تمام پري جي ڳالهه آهي، ڇا ڪو پَنُ به حرڪت ڪري سگهي ٿو؟ هرگز نه ٿو ڪري سگهي. وڌيڪ مان عرض ڪندو هلان ته اُهي غير مسلم هئا، انهن دنيا گهري، اسبابن تي ڀروسو ڪيو، اُهي چنڊ تي پهچي ويا.. هي الله وارا آهن، هِنن دنيا نه گُهري، دنيا جي خالق کي گهريو، اسبابن سان نه، اسبابَ بڻائڻ واري سان دل لڳائي، هُنن کي رڳو چنڊ تائين وڃڻ جي طاقت بخشي وئي هئي، هِنن کي سموري ڪائنات تي تصرف جو اختيار بخشيو ويو.
بَہْجَۃُ الْاَسْرَار، جيڪو غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي سيرت تي لکيل هڪ تمام معتبر ڪتاب آهي، ان ۾ آهي ته هڪ دفعو حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه منبر تي تشريف فرما هئا، ماڻهو موجود هئا، پُرتاثير بيان جاري هو، اوچتو ڪَڪَرَ ڇانئجي ويا ۽ مينهن وسڻ شروع ٿي ويو.
ظاهر آهي مينهن وَسِي رهيو هو ته ماڻهو پريشان ٿي رهيا هئا حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جڏهن اهڙي حالت ڏٺي ته ڪڪرن ڏانهن مُنهُن ڪري، جلال سان فرمايائون: اي ڪَڪَرَ...!! مان ماڻهن کي گڏ ڪري رهيو آهيان ۽ تون انهن کي ڀَڄائي رهيو آهين...؟ بس زبان پاڪ مان اهي لفظ نڪرڻ جي دير هئي، راوي چوي ٿو: جنهن جاءِ تي ماڻهو موجود هئا، اُن جاءِ تان ڪڪر هٽي ويا، اوسي پاسي مِينهُن وَسِي رهيو هو، پر اجتماع پاڪ تي نه وَسِي رهيو هو.