ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat

Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat

اختيار عطا فرمائيندو آهي. الله وارا * دلين تي حڪومت به ڪندا آهن* دريائن تي کين حڪمراني بخشي ويندي آهي * زمين انهن جي لاءِ سوڙهي ڪئي ويندي آهي * جبلن تي کين حڪومت ڏني ويندي آهي * سندن هٿن ۾، سندن نگاهن ۾، سندن زبانن تي شفائون رکيون وينديون آهن * وقت تي کين اختيار ڏنو ويندو آهي * غيب تي انهن کي مطلع ڪيو ويندو آهي * سندن زبان ۾ اهڙي طاقت رکي ويندي آهي جو جيڪو چئي ڇڏين، اهو ٿي ويندو آهي * انهن جي دلين ۾ نورِ هدايت رکيو ويندو آهي، جيڪو ارادو ڪندا آهن، سو ٿي ويندو آهي * ايسيتائين جو کين برڪت ئي برڪت بڻايو ويندو آهي، سندن وجود، سندن لباس ۽ سندن مزارون الله پاڪ جي عطا سان سڀ مشڪل ڪشا ٿي ويندا آهن.

الله پاڪ جي عطا تي ڪائي پابندي نه آهي

هتي ذهن ۾ اهو سوال پيدا ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي...؟ الله وارن کي ايڏا اختيار ڪيئن ملي سگهن ٿا؟  قرآن ڪريم جون آيتون ٻڌو! الله پاڪ سيپارو: 15، سورت بني اسرائيل جي آيت نمبر 20 ۾ ٻن قسمن جي ماڻهن جو ذڪر فرمايو آهي: (1) هڪڙا اهي آهن جيڪي دنيا کي چاهڻ وارا آهن (2) ٻيا اهي آهن جيڪي آخرت جا طلبگار آهن. الله پاڪ فرمايو: 

كُلًّا نُّمِدُّ هٰۤؤُلَآءِ وَ هٰۤؤُلَآءِ مِنْ عَطَآءِ رَبِّكَؕ-

 ترجموڪنزالعرفان: اسان تنهنجي رب جي عطا سان هِنن (دنيا جي طلبگارن) ۽ اُنهن (آخرت جي طلبگارن) سڀني جي مدد ڪندا آهيون.

يعني هِنن دنيا ڪمائي، اِهو به الله پاڪ جي ڏنل طاقت سان آهي، هُنن آخرت ڪمائي، اُهو به الله پاڪ جي عطا سان آهي. 

وَ مَا كَانَ عَطَآءُ رَبِّكَ مَحْظُوْرًا(۲۰)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ تنهنجي رب جي عطا تي ڪا پابندي نه آهي.