Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat
سُبْحٰنَ اللہ! هِي آهن الله وارن جا اختيار...!! وَلِيءَ جي زبان ۾ اهو تاثير ڪيئن اچي سگهي ٿو؟ فرمايو ويو:
كُلًّا نُّمِدُّ هٰۤؤُلَآءِ وَ هٰۤؤُلَآءِ
ترجموڪنزالعرفان: اسان هِنن (دنيا جي طلبگارن) ۽ اُنهن (آخرت جي طلبگارن) سڀني جي مدد ڪندا آهيون.
چنڊ تي وڃڻ وارن کي به طاقت الله پاڪ بخشي هئي، الله وارن کي ڪَڪَرَن تي حڪومت به الله پاڪ ئي عطا فرمائي آهي.
هڪ ڀيرو حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪٿي تشريف وٺي ويا، ڪيڏانهن ويا، اها ڪنهن کي به خبر نه هئي. بغداد وارن جڏهن نُورَ واري چهري کي نه ڏٺو ته بيچين ٿي ويا. حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيائون، پر کين ڪو به پتو پئجي نه سگهيو.
پوءِ اوچتو ڪنهن جي نظر پئي، ڏٺائين ته پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه درياءِ دجله جي طرف آهن. بغداد وارا درياءِ دجله جي ويجهو جمع ٿي ويا، ڇا ٿا ڏسن ته حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه درياءَ جي پاڻيءَ مٿان هلندا تشريف کڻي اچي رهيا آهن ۽ شان اهو آهي جو درياءَ مان مڇيون ٻاهر نڪري نڪري سندن مقدس پيرن کي چُمِيُون ڏئي رهيون آهن، سلام عرض ڪري رهيون آهن. ايتري ۾ ظهر جي نماز جو وقت ٿي ويو، غيب مان هڪ مصلو ظاهر ٿيو، هوا ۾ ئي وڇائجي ويو، ان تي ٻه سٽون لکيل هيون، پهرين سٽ ۾ لکيل هو:
اَلَاۤ اِنَّ اَوْلِیَآءَ اللّٰهِ لَا خَوْفٌ عَلَیْهِمْ وَ لَا هُمْ یَحْزَنُوْنَۚۖ(۶۲)
(پارو: 11، سورة يونس: 62)
ترجموڪنزالعرفان: ٻڌو! بيشڪ الله جي ولين تي نه ڪو خوف هوندو ۽ نه اهي غمگين ٿيندا
ٻي سٽ ۾ لکيل هو:
رَحْمَتُ اللّٰهِ وَ بَرَكٰتُهٗ عَلَیْكُمْ اَهْلَ الْبَیْتِؕ-
(پارو: 12، سورة هود: 73)
ترجمو ڪنزالعرفان: اي گهر وارؤ! توهان تي الله جي رحمت ۽ ان جون برڪتون هجن. بيشڪ اهو ئي سڀ خوبين وارو، عزت وارو آهي.