Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat
مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آهي، يعني هن ايپلي ڪيشن ۾ اوهان مدني قاعدي جي جنهن حرف يا لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندا، آڊيو ۾ ان جو تلفظ هلندو. اهڙي طرح هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان آساني سان مدني قاعدو پڙهي، ان جي مشق ڪري درست مخارج ۽ ضروري تجويد سِکي سگهجي ٿي. هن ايپلي ڪيشن ۾ مدني قاعدي جي سڀني سبقن جي وڊيو رڪارڊنگ به ڏسي سگهجي ٿي. هيءَ ايپلي ڪيشن پنهنجي سمارٽ فون ۾ انسٽال ڪريو، پاڻ به فائدو حاصل ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! ربيع الثاني جي يارنهَن مدني مذاڪرن جو سلسلو جاري آهي، جيڪو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! يارهين ربيع الثاني تائين جاري رهندو. اهي مدني مذاڪرا روزانو رات جو 8 لڳي 45 منٽن تي مدني چينل تان براههِ راست نشر ڪيا پيا وڃن. تمام ذميدار ۽ عاشقان رسول هنن مدني مذاڪرن ۾ پاڻ به شرڪت فرمائن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين.
شيخ طريقت، امير اھلسنت / خليفه امير اھلسنت هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب به ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ ”غوث پاڪ جا 25 ارشاد“رسالي جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به پڙهڻ جي ترغيب ڏياريو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا جهڙوڪ واٽس ايپ وغيره استعمال ڪندا آهن، رضاءِ الٰهي ۽ ثواب ڪرڻ جي لاءِ هي رسالو ٻين سان به شيئر (Share) ڪريو!
مڪتبه المدينه پيش ڪري رهيو آهي امير اھلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي قلم سان غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي سيرت