Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏو نه شان آهي...!! دريائن، بلڪ مڇين تي به انهن جي حڪومت هلي رهي آهي. ڪيئن هلي رهي آهي؟ الله پاڪ جي عطا سان هلي رهي آهي.
بِلَادُ اللّٰہ مُلْکِیْ تَحْتَ حُکْمِی سے یہ ظاہر ہے
کہ عالم میں ہر اِک شے پر ہے قبضہ غوثِ اعظم کا
هڪ ڀيري جو ذڪر آهي رمضان شريف جو مهينو هو، حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو هڪ مريد حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: عالي جاہه! عرض آهي ته اڄ افطار اسان جي گهر فرمايو! پاڻ فرمايائون: ٺيڪ آهي، مان پهچي ويندس. ٻيو مريد حاضر ٿيو، ان به ساڳيو ئي عرض ڪيو: عالي جاہه! اڄ افطار اسان جي گهر فرمايو! پاڻ ان کي به فرمايائون: ٺيڪ آهي، مان پهچي ويندس. ائين ئي ٽيون مريد حاضر ٿيو، چوٿون حاضر ٿيو، پنجون حاضر ٿيو، ايسيتائين جو هڪ ڏينهن ۾ 70 مريد حاضر ٿيا، سڀني عرض ڪيو: عالي جاہه! اڄ افطار منهنجي گهر فرمايو ۽ پاڻ سڀني جي دعوت قبول ڪيائون.
شام ٿي، افطار جو وقت ٿيو ته پاڻ پنهنجي مدرسي ۾ ئي پنهنجي شاگردن سان گڏ افطار فرمايائون. جڏهن اهي 70 مريد گڏ ٿيا ته سڀئي هڪ ٻئي کي ٻڌائڻ لڳا ته (اڄ ته منهنجا وارا نيارا ٿي ويا، اڄ حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه منهنجي گهر تشريف فرما ٿيا ۽ اسان سان گڏ افطاري فرمايائون ). ٻيو چئي رهيو هو: منهنجي گهر تشريف وٺي آيا، ٽيون چئي رهيو هو: منهنجي گهر تشريف کڻي آيا، چوٿون چئي رهيو هو: منهنجي گهر آيا.
عجيب معاملو ٿي ويو، سڀئي حيران هئا ته آخر ماجرا ڇا آهي؟ مدرسي ۾ پهتا، شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ٿي، انهن کان پڇيائون ته اُهي چوڻ لڳا: اوهان ڇا چئي رهيا آهيو...؟ غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ته ڪيڏانهن ويا ئي نه هئا، مدرسي ۾ ئي هئا، انهن اسان سان گڏ افطاري فرمائي آهي. معاملو مُنجهِي پيو. اها سموري