Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat
مبارڪ تي لکيل 3 رسالا: (1) جنات جو بادشاهه (2) مُني جو لاش (3) سانپ نما جن (نانگ جي شڪل ۾ جن) غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي سيرت مبارڪ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي لاءِ هنن ٽنهي رسالن جو مطالعو فرمايو. رسالو جنات جو بادشاهه 33 رپين، مني جو لاش 26 رپين ۽ سانپ نما جن 28 رپين ۾ مڪتبـﺔ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان خريد فرمايو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان جي پنهنجي ديني تنظيم دعوت اسلامي ديني ۽ فلاحي خدمت ۾ مصروف عمل آهي. اَلحمدُ لِلّٰہ! ڪنزالمدارس بورڊ جي نالي سان دعوت اسلامي جو پنهنجو تعليمي بورڊ آهي. تقريبن 20 هزار 235 جامعات ۽ مدارس المدينه (بوائز ۽ گرلس) قائم آهن، جن ۾ حفظ ۽ ناظره، عالم ڪورس (درس نظامي)، مختلف تخصصات (Specialization) فرائض علوم ڪورسز ڪرايا ويندا آهن * جامعات ۽ مدارس المدينه (بوائز ۽ گرلز) ۾ طلباء جو تعداد لڳ ڀڳ 5 لک 65 هزار 695 آهي وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن کي قرآن ڪريم جي تعليم ڏيڻ جي لاءِ هزارين مدارس المدينه بالغان ۽ بالغات لڳايا ويندا آهن، جن ۾ پڙهڻ وارن اسلامي ڀائرن ۽ ڀينرن جو تعداد لکن ۾ آهي فيضان آن لائن اڪيڊمي جي ذريعي تقريباً 27 هزار طلباء ۽ طالبات ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته 60 هزار کان وڌيڪ طلباء مختلف ڪورس مڪمل ڪري چڪا آهن. هن وقت تائين تقريباً 21 دار الافتاء اھلسنت قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ شرعي رهنمائين جو تعداد ماهوار تقريباً 20 هزار آهي المدینۃُ العلمیہ (اسلامڪ ريسرچ سينٽر) جي ذريعي ديني لٽريچر تي تحقيقي ڪم سرانجام ڏنو پيو