Book Name:ALLAH Walon Ke Ikhtiyarat
پيارا اسلامي ڀائرو! مدد جي لاءِ الله جي وَلِين کي سڏڻ ۽ انهن جو مدد ڪرڻ قرآن ڪريم مان ثابت آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
اِنَّمَا وَلِیُّكُمُ اللّٰهُ وَ رَسُوْلُهٗ وَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوا الَّذِیْنَ یُقِیْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ یُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَ هُمْ رٰكِعُوْنَ(۵۵)
(پارو: 6، سورة مائده: 55)
ترجموڪنزالعرفان: توهان جا دوست صرف الله ۽ ان جو رسول ۽ ايمان وارا آهن، جيڪي نماز قائم ڪندا آهن ۽ زڪوٰت ڏيندا آهن ۽ الله جي بارگاهه ۾ جهڪيل آهن.
يعني الله پاڪ به توهان جو مددگار آهي، رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به توهان جا مددگار آهن ۽ الله پاڪ جي عطا سان، ان جي توفيق سان، ان جي ڏنل طاقت (Power) سان نيڪ سيرت ڪامل مسلمان به توهان جا مددگار آهن.
معلوم ٿيو ته فقط الله پاڪ کي مددگار مڃڻ ۽ ان کان سواءِ هر مدد کي شرڪ ۽ بدعت قرار ڏيڻ، بلڪل 100٪ غلط آهي. الله پاڪ اسان کي صاف صاف فرمائي رهيو آهي ته الله پاڪ به توهان جو مددگار آهي، رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به توهان جا مددگار آهن ۽ سمورا متقي مسلمان به توهان جا مددگار آهن.
کہا جس نے یَاغَوْث اَغِثْنِی تو دَم میں ہر آئی مصیبت ٹلی غوثِ اعظم! ([1])
يا شيخ عبد القادِر جيلاني! شَیْئًا لِلّٰہ!
ميان شير محمد شرقپوري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪامل ولي ٿي گذريا آهن. هڪ ڏينهن هڪ شخص ساڻن ملاقات لاءِ حاضر ٿيو، اهو اچڻ وارو اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہم جي باري ۾ وسوسن جو شڪار هو. جڏهن هُو انهن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته سندن تقويٰ، پرهيزگاري ۽ سنتن تي عمل وغيره ڏسي تمام گهڻو متاثر ٿيو. پوءِ اوچتو سندس نظر ڀِتِ تي پئي، جنهن تي لکيل هو: یَا شَیخ عَبْدُالْقَادِر جِیْلَانِیْ شَیْئًا للہ! يعني